ٽنڊو غلام حيدر لڳ عورت پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ شهمير ڪولهي ۾ گهرو اڻبڻت تان مبيناطور هڪ معصوم ٻارڙي جي امڙ 23 سالا شريمتي سنيتا ٻائي ڪولهي گهر اندر ڦاهو کاهي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،اطلاع بعد حد متارو پوسٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پورهيت عورت سنيتا ڪولهي جو لاش ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته واقعي جي پوليس پاران وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني هوڏانهن اڃاتائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو،ٻئي پاسي عورت جو لاش گهر پهچڻ بعد ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.