سامارو ۾ ضلعي انتظاميا جي گڏجاڻي، محرم بابت انتظامن جو جائزو

سامارو ( ن ع آ  ) محرم الحرام جي مهيني جي آمد جي سلسلي روينيو ڪامپليڪس ۾ گڏجاڻي ٿي گزري سياسي سماجي سرڪاري مزهبي اگواڻن جي شرڪت , محرم الحرام جي ڏينهن ۾ امن امن صفائي سٿرائي ۽ انتظامي حوالن سان گالهايو ويو .  گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو حاطف سيال , ڊي ايس پي سامارو ممتاز بگٽي , ايس ايڇ او اصغرو سيلرو , ٽائون آفيسر محمد حسن ملاح , مختيارڪار سامارو لياقت راجپوت ,  سيڪريٽري يونين ڪائونسل سيد شمشير شاه.  مزهبي اگواڻ قاري غلام مصطفا صابري , امام بارگاھ اگواڻ سيد قطب شاه بخاري , سيد ڪرم شاه بخاري ,  فقير لال خان  , چونڊيل ڪائونسلرن , صحافين شرڪت ڪري مسئلن جي نشاندهي ڪرائي وئي.  اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو پاران لاگاپيل کاتن کي انتظامي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون

  • لاڙڪاڻي ڊويزن سان لاڳاپيل  نوجوانن جي فوج ۾ ڀرتي جاري

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻو آرمي سليڪشن سينٽر طرفان پڌرو ڪيو ويو آهي ته فوج ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن سان واسطو رکندڙ نوجوانن جي ڀرتي جاري آهي، آرمي ۾ سپاهي جي ڀرتي لاءِ 10 آگسٽ تائين رجسٽريشن  جاري رهندي. لاڙڪاڻي، قمبر ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ دادو ضلعن جا پڙهيل لکيل نوجوان ڀرتي لاءِ پنهنجي اصل تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ ٻين ضروري ڪاغذن سان گڏ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو لڳ واقع  فوجي ڀرتي مرڪز سان صبح جو 7 وڳي کان هڪ وڳي تائين رابطو ڪن.

  • ڊگهڙي ۾ نوجوان ڇريون هڻي مرڻينگ، اسپتال منتقل

ڊگھڙي(ن ع آ)ڊگهڙي شهر جي ميمڻ ٽائون جي رهواسي نوجوان نعيم پٽ نذير احمد لغاري شهر جي گوشت مارڪيٽ ڊگھڙي ۾ دوستن سان گڏ ويٺو ھو ته مٿس شاهد ولد محمد رفيق راجپوت نالي شخص  اوچتو ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو زخمي نوجوان کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگھڙي آندو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو . اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پھچي زخمي کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.