ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي داد علي بخش لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد/شهدادپور ( نمائندا )سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳوڻو اڳواڻ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي کاهوڙي هاري اڳواڻ  دادا علي بخش 90 سال جي ڄمار ۾ هالا ڀرسان ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم غدود جي بيماري ۾ مبتلا هو. مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ ادا ڪري اباڻي قبرستان ۾ انقلابي گيتن ۽ نعرن سان سنڌ هاري ڪميٽي جي ڳاڙهي جهنڊي سان تدفين ڪئي وئي. سينيئر صحافي عبداش پنهور انقلابي گيت۽ ترانو پڻ پڙهيو. مرحوم دادا علي بخش ڳوٺ ڪرم نطاماڻي م جنم ورتو. سنڌ هاري ڪميٽي جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هو. هو ڪامريڊ ڄام ساقي. حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ احمد لغاري. عٽمان لغاري. ڪامريڊ غلام محمد لغاري. فوٽو رستماڻي. غلام رسول سهتو ۽ ٻين هاري اڳواڻن جو ويجهو ساٿي رهيو. هن اسلام آباد. لاهور ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن تائين هارين جي حقن لاءِ پيادل مارچ ڪيا. دادا علي بخش مخدوم طالب مولي. استاد گلزار علي خان. سينگار علي سليم. وڏيرو شاهنواز جوڻيجو سميت سياسي. سماجي اڳواڻن جو ويجهو دوست رهيو. هن چمبڙ تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. ايم آر ڊي ۾ گرفتار پڻ ٿيو. دادا علي بخش سڄي ڄمار شادي نه ڪئي. هن سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ تحريڪ هلائي. ڪامريڊ غلام رسول سهتو سان گڏ حيدرآباد کان اسلام آباد تائين مارچ ڪيو. دادا علي بجش جي آخري رسمن ۾ سئوين دوستن. ساٿين. سياسي سماجي اڳواڻن سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو. قوم پرست اڳواڻ هاشم کوسو. عوامي ورڪرز پارٽي جو اڳوان مير حسن سريوال. پيپلز پارتي شهيد ڀٽو جو اڳواڻ قاضي ممتاز. طالب جکرو. اياز ميمڻ. حسن لانڊر. عاجز منگي. غلام مصطفي سنجراڻي. امداد چانڊيو. جاويد سوز هالائي. عطا محمد قمبراڻي.  علي نواز نظاماڻي سميت دوستن مائٽن شرڪت ڪئي. دعا لاءِ تڏو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ وڇايو ويو.

  • دادا علي بخش جي لاڏاڻي تي سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سرگرميون معطل

ٺٽو(ڊ ر)  ھاري ھلچل جي اھم  اڳواڻ ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيء جي ويجهي ساٿي، دادا علي بخش خاصخيليء جي لاڏاڻي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو،عباس ملاح،ڪامريڊ شرف الدين سنڌي، ميرمختيار آگرو،رحمت الله ٻلال،لياقت سهتو، خالد ڪيريو،آفتاب چنه ،ساجن لاکو ۽ٻين گهري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي ڪامريڊ جي عوامي انقلاب ۽ ھارين جي حقن جي حاصلات لاء ڪيل خدمتن ۽ جدوجهد تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اڄوڪي دور دادا علي بخش جهڙا ڪمٽيڊ قومي سياسي ورڪر ملڻ ڏاڍا مشڪل ٿي ويا آهن اهڙي وقت ۾ دادا جو وڇوڙو سنڌ جي ھارين جي حقن واري ھلچل جو وڏو نقصان آھي  سنڌ ڪلچرل فورم ،دادا علي بخش جي وڇوڙي کي سنڌ جي هارين ۽ مزدورن ۽ سياسي  ڪارڪنن جو وڏو نقصان سمجهندي سندس هزارين ساٿين ۽ ھمدردن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪري ٿو ۽ ٽن ڏينهن تائين سڄي سڄي سنڌ ۾ پنهنجون علمي ادبي ۽ سماجي سرگرميون معطل ڪري ٿو.

دادا علي بخش سڄي عمر پورهيتن لاءِ جدوجهد ڪئي: ثمر حيدر

حيدرآباد  (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي پاران  گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪامريڊ دادا علي بخش سنڌ هاري ڪاميٽي جو ڪميٽيڊ ورڪر ۽ پورهيت اڳواڻ هو هن سڄي زندگي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي پورهيتن لاء جدوجهد ڪندي گذاري سندس وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن اڳواڻن ۾ سندس لاڏاڻي جي خبر تي سوڳ ڇانيل آهي دادا علي بخش جي ڪيل جدوجهد تاريخ ۾ ياد رکي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.