نوابشاهه واسي نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران ڳولا جي اپيل

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاھ  جي علائقي ڀنگوار ڪالوني جي رھواسي مزدور محمد خان ڀٽي پنھنجي گھر واري ملوڪان، ڌيئرون ضميران ۽ ريشمان سان گڏ نواب شاھه پريس ڪلب پھچي پنھنجي 15 ورھين جي ذھني توازن وڃايل پُٽ وقار ڀٽي جو فوٽو ھٿ ۾ کڻي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته منھنجو نوجوان پُٽ اڳ به ڪيترا دفعا ذھني توازن درست نه ھئڻ سبب گھران نڪري گم ٿيندو رھيو آھي پر بعد ۾ انسانيت سان محبت ڪندڙ ماڻھو کيس گھر پھچائي ويندا رھيا آھن، ھن چيو ته گذريل ھڪ مھيني کان وقار گھران نڪري خبر ناھي ڪاڏي ھليو ويو آھي وقار کي اچي رنگ جا ڪپڙا پاتل آھن ۽ سندس قميس جي پُٺيان منھنجو موبائيل نمبر بہ لکيل آھي مون اھڙو اطلاع ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڏنو آھي ھن چيو تہ مان مزدور ماڻھو مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان يا گم ٿيل پُٽ کي ڳوليان ڪا بہ ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي سان ڏاڍا پريشان آھيون پورھيت محمد خان ڀٽي پوليس اختيارين، سماجي تنظيمن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آھي تہ کين ڪٿي بہ سندس پُٽ وقار ڀٽي نظر اچي تہ سندس قيمس پُٺيان لکيل موبائيل نمبر تي رابطو ڪن تہ اسان ان ھمدرد انسان لاءِ ھميشہ دعاڳو رھنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.