ميهڙ ۾ قتل ٿيل نينگر جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، گمبٽ ۾ احتجاج

گمبٽ (ن ع آ ) ميهڙ ۾ جنسي زيادتي بعد قتل ٿيل 7 سالن جي نيگر مجيب سولنگي جي قاتلن جي گرفتاري لاء سنڌ سڀا ڪارڪنن پاران پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو,انصاف جو مطالبو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي سنڌ سڀا جي ڪارڪنن امتياز سولنگي,ارشاد سولنگي, ياسين سولنگي, آندل سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميهڙ ۾ 7 سالن جي نينگر مجيب ولد محمد ايوب سولنگي کي نامعلوم ماڻهن جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي  بي دردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش مهيڙ ۾ ٿاڻي جي ڀر سان ڦٽو ڪيو ويو آهي.  پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو نه ئي ڪيس داخل ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي حيدرآباد, ايس ايس پي دادو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري نينگر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.