سيٺارجا ۾ جعلي نوٽ هلائيندڙ گروهه گرفتار، نقلي نوٽ به هٿ

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا شهر اندر ڪيترن ئي ڏينهن کان جعلي نوٽ هلائيندڙ گروه 20 کان وڌيڪ دوڪاندارن ۽ شهرين کي ڦري ويو هڪ مهيني کان 5 هزار  ۽ هڪ هزار جا نوٽ جعلي هلائيندڙ گروه نيٽ شهرين ۽ پوليس گرفتار ڪري ورتو جعلي نوٽ هلائيندڙن ۾ هڪ نوجوان ظهير شر ,مومل بي بي , نصيبان بي بي شر آهن جن مٿان سيٺارجا ٿاڻي تي دوڪاندار عورت مسمات واڌل خاتون لنڊ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  ان سلسلي حوالي سان سيٺارجا ايس ايڇ او سيٺارجا نور احمد لغاري ٻڌايو ته ٺڳ عورتون گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي اهڙي قسم جي گينگ کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو , شهرين پاران اهڙي ڪاروائي تي اعلي حڪام کان گهر ڪئي ته ٺڳ عورتن جي گينگ کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي ته جيئن علائقي اندر اهڙي ڪڌي ڪم کي ٻنجو اچي سگهي.

  • خيرپور ۾ بيواهه جو  گهر ڪري پيو، کليل آسمان هيٺ ويٺل

خيرپور( ڊ ر)خيرپور بيواھ جو گهر ڪري پيو خيرپور سٽي جي وارڊ نمبر 24 ڳوٺ عبدالغفور جانوري ۾ تيز برسات سبب محروم عبدالستار جانوري جي بيواھ جو گهر ڪري پٽ پئجي ويو  متاثر بيواه جو الله  کان سواءِ ڪو بہ سھارو ناھي يتيم مسڪينن جو گھر ڪري پوڻ سبب بي يار و مددگار آهي متاثر بيوه وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

  • خيرپور ويجهو پاڻي نيڪال تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

خيرپور( ڊ ر )خيرپور ڀرسان ٺيڙهي واري علائقي ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي جي دوران هڪ ٻئي تي لٺين جو وسڪارو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ عبدالحفيط، ظهير، احمد علي، نواز، محسن ۽ ٻيا شامل آهن.  جن ٻڌايو ته اسان برسات جو پاڻي نيڪال ڪري رهيا هيا سين ته اسان جي برادري جي ماڻهن حملو ڪيو ۽ اسان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي هنن ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.