ٽنڊو آدم پوليس مبينا مقابلي ۾ڏوهاري هاف فرائي ڪري وڌو

ٽنڊو آدم (ن ع آ ) ٽنڊو آدم لڳ باء پاس ڳوٺ حبيب خان مري موڙ وٽ سٽي پوليس مبينا طور مقابلو ڄاڻائي  هڪ جوابدار وزير علي سولنگي کي هاف فراء ڪري ڇڏيو آھي پوليس موجب ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جوابي ڪاروائي ۾ جوابدار کي ٽنگ ۾ گولي لڳل حالت ۾ گرفتار ڪيو  آھي جوابدار روپوش ڏوهاري آھي جيڪو ڪراچي، ڄامشورو، سانگهڙ سميت ٻين ضلعن ۾ وارداتون ڪندو رهيو آھي سندس ڏوهي رڪارڊ ھٿ ڪيو پيو وڃي ۔ ھن وٽان هڪ بغير لائسنس وارو پسٽل، گوليون، روڪ رقم ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل به هٿ آئي آھي پوليس زخمي جوابدار کي تعلقي اسپتال آندو  ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۔سٽي ٿاڻي تي مٿس پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.