سکر مان 2 ڄڻا گرفتار، شراب جا چار ڪارٽن هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

سکر (رپورٽر) سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي سکر کان گمبٽ شراب اسمگل ڪرڻ جي  ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ان ڏس ۾ پوليس ڪارروائي دوران ڀٽا روڊ جي رهواسي صدام حسين لانگاهه ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان اعليٰ ڪوالٽي جي شراب جا چار ڪارٽن هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس جاچ موجب شراب سکر کان گمبٽ اسگمل ڪيو پئي ويو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري اسمگل جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.