ٿر ۾ چوپائي مال ۾ پکڙيل بيماري وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا، ماروئڙن جون دانهون، احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر جي چوپائي مال ۾ بيمارين مُنهن ڪڍيو،ڍڳين سميت ننڍي مال ۾ پکڙيل بيمارين ڀاڳين جا وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آهن،اُنهي سلسلي ۾ ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ وڌيڪ 10  ڍڳيون،40 کان وڌيڪ ٻڪريون ۽ رڍون مختلف بيمارين ۾ مري ويون،ڪيترائي ڍور بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد مرڻ لڳا،ڀاڳين جي احتجاج ۽ دانهن کي ڪنهن نه ٻُڌو،اُنهي سلسلي ۾ ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن رڙگهڙ،سيار،ڪڪراڙو،گڍڙو سميت ٻين ڳوٺن جي رهواسين مجيد سميجو،بختو سميجو،بچايو،روشن،امداد ۽ ٻين چيو ته ڍڳين ۾ لمپي وائرس پکڙجڻ سبب ڍڳين جي جسم تي ڦوڙا ٿين ٿا،جنهن بعد سخت تڪليف پيدا ٿيڻ بعد مري وڃن ٿيون،ٻن ڏينهن ۾ 8 وڌيڪ ۽ هلندڙ مهيني 30 کان وڌيڪ ڍڳيون مري چڪيون آهن،جڏهن ته ڳوٺ رڙگهڙ ۾ حاڪم علي،ميرمحمد،ارباب سميجو، حاجي سميجو،سکر سميجو،اقبال سميجو ۽ ٻين جون ڍڳيون لمپي وائرس وگهي مري ويون ۽ 8 ٻڪريون تير ۽ بخار سبب مري ويون آهن،ڳوٺ سمون رند ۾ سائين بخش رند،هدايت رند،منٺار رند،سمون رند ٻن ڀاڳين جون 20 کان مٿي ٻڪريون ۽ رڍون تير بخار ۽ ٻين بيمارين سبب مري ويون آهن،ڳوٺ ڀڳيسل ۾ بشير راهمون ۽ ڇاڇرو شهر ۾ شوڪت بجير،امام بجير،بچل،يعقوب سميت ٻين جون 10 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون آهن،ڀاڳين جون چوڻ آهي ته  لائيواسٽاڪ انتظاميا اڳ ۾ ويڪسين نه ڪئي جنهن جي ڪري هي خطرناڪ وائرس هاڻ تيزي سان ٻين مالوندن جي وٿاڻن ۾ به پکڙجي رهيو آهي،لکين رپين جا ڍور مري ويا آهن،ڪيترائي بيمارين ۾ مبتلا آهن،اسان ضلع مٺي جي لائيواسٽاڪ انچارج ڊاڪٽر گورڌن نائي اڳيان دانهون ڪري ٿڪجي ويا آهيون پر ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي،هنن لائيواسٽاڪ جي صوبائي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بيمار چوپائي مال کي بچايو وڃي،جڏهن ته ڇاڇرو لائيو اسٽاڪ جي انچارج ڊاڪٽر اجئه ڪمار روپاڻي جو چوڻ آهي ته ڇاڇرو تعلقي ۾ 50 هزار ڍڳين ۾ لمپي وائرس کان بچا ۽ هڪ لک کان وڌيڪ رڍن ۽ ٻڪرين کي تير بخار سميت مختلف بيمارين کان بچايو جي ويڪسيئن ڪئي آهي،برساتن کانپوءِ ٻيهر بيماريون وڌي رهيون آهن،ڇاڇرو جي ڳوٺن ۾ هنگامي بنيادن تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلينداسين،هوڏانهن مٺي،اسلام ڪوٽ،ننگرپارڪر،ڏيپلو،ڪلوئي سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سوين ڍور بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ بعد مرڻ لڳا آهن،پر لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڪارڪردگي زيرو بڻيل آهي،ڪروڙين روپين جي بجيٽ جي باوجود ڄاڻايل کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.