ڪرونڊي لڳ گيسٽرو سبب 2 نينگريون فوت، ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ ورتل

ڪرونڊي ( ن ع آ) ڪرونڊي لڳ گيسٽرو ڦهلجي وئي ٻه معصوم نينگريون فوت ڪيترائي معصوم ٻار گيسٽرو ۾  ورتل خبر موجب ڳوٺ سونو خان مجيداڻو ۾ 6 ورهين جي تهمينا ڌي عبدالواحد مجيداڻو ۽ 8 ورهين جي شڪيلا ڌي محمد عثمان مجيداڻو  فوت ٿي ويون  آهن ساڳي ئي ڳوٺ ۾ چار ڏينهن اڳ ۾ نينگري مريم به گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي آهي هڪ ئي ڳوٺ ۾ گيسٽرو سبب ٽي معصوم ٻار فوت ٿي چڪا آهن گيسٽرو ۾ تيزي ڦهلجي وئي آهي صحت کاتي فيض گنج جي ڊاڪٽرن کي اطلاع ڪيو آهي ڊاڪٽر چون ٿا برسات سبب رستو خراب آهي ان ڪري نه اينداسين ، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي  اسان جا ٽي معصوم ٻار گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا آهن 15 کان وڌيڪ معصوم ٻار بيماري ۾ ورتل آهن 5 ٻارن جي حالت نازڪ آهن. هنن ڪمشنر سکر. ڊي سي خيرپور. اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج ڊي ايڇ او خيرپور کان مطالبو آهي ته فيض گنج جي سرڪاري ڊاڪٽرن جي نااهلي لاپرواهي سبب اسان جا ٽي معصوم ٻار فوت ٿي ويا آهن انهن خلاف ڪاروائي ڪري ڊاڪٽرن جون ٽميون ڳوٺ ۾ موڪليون وڃن ته جئين باقي معصوم ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن .

  • خيرپور ۾گيسٽرو وبائي ڦلهجي وئي ، وڌيڪ 55 ٻارڙا اسپتال داخل

خيرپور (س ر)  خيرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گيسٽرو جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو، گذريل 3 ڏينهن ۾ گيسٽرو  جا 400 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ  ٿي چڪا ، جڏهن ته سٽي اسپتال خيرپور ۾ سھولتن جي کوٽ برقرار آهي ، ان موقعي  تي مريض ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته  سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون آڻ لڀ آهن ،  ھڪ بيڊ تي ٻن کان ٽي ٻارڙا داخل ڪري علاج ڪيو پيو وڃي ، جڏهن ته هن وقت تائين گيسٽرو وبا شديد صورت اختيار ڪرڻ باوجود به صحت کاتي پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيو آهن . هوڏانهن بيمار ٻارڙن جي والدين وزير اعلي سنڌ ، صوبائي وزير صحت کي اپيل ڪئي ته صحت کاتي جي سرڪاري اسپتالن مان دوائن جي کوٽ ختم ڪري موضي بيمارين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

  •  ٻنون ۾گيسٽرو جا راڱا ، ڊي سي پاران نوٽيس ڳوٺاڻن  جو علاج

ٻنون (ن ع آ) ٻنون ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن تان گيسٽرو ٽارو  نه ڪيو گيسٽرو وگھي 3 ماڻھن جي فوت ٿيڻ وارو واقعو ميڊيا تي  اچڻ بعد سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر شھريار ميمڻ ۽ صحت کاتي سجاول جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر احمد علي پليجو پاران ان جو نوٽيس ورتو آھي، جنھن کانپوء سجاول ضلعي جي انتظاميا جي نگراني ھيٺ صحت کاتي جون ھنگامي موبائيل ٽيمون ايڪسري، الٽراسائونڊ، ٽيسٽ ليبارٽري سميت صحت جي ٻين جديد مشينن سان گڏ گيسٽرو جي متاثر ڳوٺ حاجي عمر لاشاري، ڳوٺ رتو لاشاري، ٻنون لڳ ڪولھي، ڳوٺ عمر لنڊاڻ، ڳوٺ حاجي خان لاشاري سميت ٻين ھنڌن تي پھچي مريضن جو علاج ڪيو، ۽ کين مفت دوائون ڏنيون، ان موقعي تي گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا غريب ڳوٺاڻن پريس ڪلب دڙو جي سموري سٿ کي دعائون ڏيندي چيو تہ اڃا تائين مختلف ڳوٺن جا سوين معصوم ٻار، عورتون، جوان پوڙھا گيسٽرو ۾ مبتلا آھن، جن جون حياتيون بچائڻ لاء صحت کاتي جي موبائيل ٽيمن کي ڪافي ڏينھن تائين ھتي ھنگامي بنيادن تي ڪئمپ لڳائي مريضن جو علاج ڪرڻون پوندو، ھوڏانھن ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او سجاول پاران ھنگامي بنيادن تي موڪليل ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر انور علي سولنگي، مقصود علي،  اسٽاف نرس طالب حسين،  ايڪسري ٽيڪنيشن جگمل داس، ليپ ٽيڪنيشن ويڪسينيٽر ڪرم علي پليجو ۽ ٻين ٻڌايو تہ اعلي اختيارين جي نوٽيس تي صحت کاتي جون خاص ٽيمون گيسٽرو جي مريضن جو ٽيسٽ ايڪسري الٽراسائونڊ ڪرڻ بعد سندن علاج ڪري کين اعلي قسم جون دوائون ڏئي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.