گمبٽ جي گئو شالا مان چوري، مکي سميت ٽن ڄڻن تي ڪيس

گمبٽ(ن ع آ ) گمبٽ ۾ گئوشالا مان چوري جو مکي سميت ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل, ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. ان سلسلي  ۾ گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڳوڻي مکي راج ڪمار جو گئوشالا واري گئريج مان دڪان جا شٽر ڀنڃي ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان چوري ٿيو آهي جنهن جو ڪيس موجوده مکي وجي ڪمار, هريش ڪمار ۽ منشي شوڪت علي ڀٽي تي داخل ڪرايو آهي پر ڪا به گرفتاري عمل نه اچي سگهي.آھي  هوڏانهن فريادي اڳوڻي مکي راج ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گئوشالا واري گئيريج مان شٽر پٽي موجوده مکي ۽ ٻين منهنجي ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل, جي ايل آء ڪار جا ٻه ٽائر ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن. جنهن جو ڪيس گمبٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري هن ڊي آء جي سکر,ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.