ملير ۾ موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ ۾ ملوث 6 ڄڻا گرفتار

ملير (ڊ.ر) قائدآباد پوليس جي ڪاروائي، موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث ڇهه ڄڻا گرفتار، جوابدارن وٽان مختلف علائقن ڦر ۽ چوري ڪيل 20 موٽر سائيڪلون، 4 پسٽل هٿ، جوابدار مختلف علائقن موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪرڻ بعد ڪٻاڙ جي دڪانن تي وڪرو ڪندا هئا، پوليس، خبر موجب قائدآباد پوليس ڪاروائي ڪندي انتهائي گهربل موٽر سائيڪل چوري ۽ ڦر جي واردات ۾ ملوث ڇهن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته قائدآباد پوليس ڪاروائي ڪندي موٽر سائيڪل چور ڇهن ڄڻن علي زمان، نظام شاهه، افسر زمان، سليم، عبدالله ۽ نثار کي گرفتار ڪري وٽان چوري ۽ ڦر ڪيل 20 موٽر سائيڪل ۽ 4 پسٽل هٿ ڪيا آهن، هن چيو ته جوابدار مختلف علائقن مان موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪرڻ بعد ڪٻاڙ جي دڪان وڪرو ڪندا هئا، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.