اي ايس پي آفيس جي ڇت ڪري پئي، عملو مجعزاڻي طور محفوظ

خيرپور( ڊ ر)خيرپور ۾ اي ايس پي سٽي آفيس جي بلڊنگ جي هڪ حصي جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اي ايس پي سٽي جي آفيس جي بورچيخاني جي ڇت ڪرڻ دوران بورچي ۽ ٻيو عملو محفوظ رهيو .

  •  ٻهارا جي وارڊ نمبر 3 مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو

ٻھار (ن ع آ)يو نين ڪائونسل ٻھارا جي وارڊ 3 ۾ برساتي وسڪاري بعد ھنگامي بنياد تي پاڻي ڪڍرايو ويو گذريل ڪيترن ڏيھن کان جاري برساتن ڪري  وارڊ نمبر 3 جي پاٽاري محله سوناري محله شيدي محله سيد محله ھيٺاھين علائقي سبب برساتي پاڻي بيھجي ويو بررسات جي رڪجي وڃڻ کان پوء بنامقابلي جنرل ڪائونسل جي سيٽ تان  ڪامياب ٿيندڙ پيپلز پارٽي جو اميدوار سنڌو سونارو نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايس اي خاصخيلي ۽ نعيم عمراڻي سان گڏ وارڊ 3 ۾  برساتي پاڻي ۾ ٻڏل محلن جو دورو ڪري محلن جي گھرن مان  برساتي پاڻي ھنگامي بنياد تي فيٽر رکائي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪيو. ھن.  صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد قربان علي شاھ ۽ ضلع ڪائونسل جي سيٽ بنامقابلي ڪامياب ٿيندڙ سندس ننڊو ڀاء سيد حبدار علي شاھ ۽ پارٽي قيادت جي حڪم تي برساتي وسڪارن جو بيٺل پاڻي محلن جي گھرن مان ڪڍرائي ڇڏيو ھن چيو ته شھر ٻھارا سميت ھتان ماڻھن کي لاوارس نه ڇڏيو ويندو عوام جي ڀلائي بھبود لاء جاکوڙ جاري رھندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.