سکر پوليس عورت ۽ شاگرد کي گم ڪري ڇڏيو، پوليس اختيارين کي نوٽيس جاري

سکر (رپوٽر) سکر جي مائڪرو ڪالوني مان چار ڏينهن اڳ کنڀيل پيرسن عورت عابده ڌميو ۽ فرسٽ ايئر جي شاگرد زاهد ڌميو کي پوليس گم ڪري ڇڏيو.وارثن عورت ۽ نوجوان جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي عورت ۽ نوجوان کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  واضح رهي ته سکر جي مائڪرو ڪالوني ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جيان گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ عورتن ۽ ٻارن مٿان سخت تشدد ڪري هڪ پيرسن عورت عابده ڌميو ۽ فرسٽ ايئر جي شاگرد زاهد ڌميو کي کنڀي کڻي وئي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.