ٽنڊومحمدخان( ڊ ر) ٽنڊومحمدخان ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد اڳواڻ گل ڀٽي جي 18هين ورسي جي موقعي تي سندس قومپرست تحريڪ لاءِ ڏنل عظيم قرباني تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان جي پيرشارفو قبرستان ۾ سندس آخري آرامگاھ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي، جسقم جي ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو، جاويد هاليپوٽو ، جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي صدر عرس ملاح، باغي راڄپر ،عنايت ڪنڀار جساف اڳواڻ وفا ڪاشف ڀٽو ،مومن ويسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن گلن نڇاور ڪندي قومي گيت سان سلامي پيش ڪئي ، انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد گل ڀٽي سنڌ جي حقن جي حاصلات مڪمل آجپي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري قومي تحريڪ جو سنڌ جي تاريخ ۾ قومي هيرو بڻجي ويو آهي ، سندس قرباني کي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو ، سندس قرباني سنڌ جي عوام جي دلين ۾ موجود آهي ، گل ڀٽي سنڌ جي قومي تحريڪ جو هڪ عظيم اڳواڻ هو جنهن سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ هميشه عملي جدوجهد ڪئي ، سنڌ جي وجود خلاف هر سازش تي پنهنجي جدوجهد ذريعي پاڻ ملهايو ، شهيد گل ڀٽي جي جدوجهد هر صورت ۾ پنهنجو رنگ لاهيندي ۽ سنڌ جي آجپي جي صورت ۾ ڪاميابي ماڻيندي ، انهي موقعي تي ڪارڪنن سندس آخري آرامگاھ تي گل نڇاور ڪرڻ کانپوءِ احتجاجي ميڙاڪي ۾ سندس عظمت کي سلامي پيش ڪئي ۽ عزم ڪيو ته شهيد گل ڀٽي جي جدوجهد کي ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ٿيڻ نه ڏيندو .