هيپاٽائيٽس ۽ احتياطي تدبيرون

تحرير: عشاء نصرت ”روشني“

28 جولاءِ پُوري دنيا ۾ ’سائيءَ / ڪارَي يرقان‘ يعني ”هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن“ طور ملهايو ويو. هي ڏينهن، هر سال هيپاٽائيٽس بابت قومي توڙي بين الاقوامي ڪوششون تيز ڪرڻ، ماڻهن، شراڪت دارن ۽ عوام جي پاران اُپائن وٺڻ ۽ ان ڏس ۾ سرگرمين جي حوصلي افزائي ڪرڻ ۽ ’صحت جي عالمي اداري‘ (”ڊبليو ايڇ او“) جي 2017ع جي عالمي هيپاٽائيٽس رپورٽ ۾ بيان ڪيل وسيع تر عالمي ردِعمل جي ضرورتن کي اجاڳر ڪرڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪري ٿو. اهو ڏينهن ملهائڻ لاءِ خاص طور 28 جولاءِ جي تاريخ جي چونڊ، ان لاءِ ڪئي وئي، ته اها ’ڊاڪٽر بارچ بلمبرگ‘ نالي ان نوبل انعام يافته سائنسدان جي ڄمڻ جي تاريخ آهي، جنهن هيپاٽائيٽس B وائرس (ايڇ بِي وي) ڳولي لڌو هو ۽ ان وائرس لاءِ هڪ تشخيصي ٽيسٽ ۽ ويڪسين پڻ ٺاهي هئائين. گڏيل قومن پاران 2030ع تائين عالمي سطح تي هيپاٽائيٽس جي مڪمّل خاتمي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جاچ ۽ علاج جي گھٽ ڪوريج سڀ کان اهم خال آهي، جنهن کي دُور ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. ’هيپاٽائيٽس‘ هڪ عام اصطلاح آهي، جيڪو جگر جي سوزش کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جگر جي سوزش گھڻن ئي وائرسز (وائرل هيپاٽائيٽس)، ڪيميڪلز، نشي آور شين، شراب، ڪجھه جينياتي بيمارين (جيڪي والدين مان ٻارن ۾ منتقل ٿين ٿيون) يا وڌيڪ فعال مدافعتي نظام سبب ٿي سگھي ٿي، جيڪا هيپاٽائيٽس جي جگر تي حملي آور ٿيڻ جو نتيجو هوندي آهي. يرقان جي ان قسم کي ’آٽو اميُون هيپاٽائيٽس‘ چوندا آهن. پنهنجي قسم جي لحاظ کان، هيپاٽائيٽس شديد به ٿي سگھي ٿو، جيڪو اوچتو ڀڙڪي پوي ٿو… اُڇلَ کائي ٿو ۽ وري ڇڏي وڃي ٿو. يا دائمي، جيڪو هڪ ڊگھي عرصي واري تڪليف ڏئي ٿو، جيڪو عام طور تي وڌيڪ نازڪ علامتون پيدا ڪري، جگر کي نقصان پهچائي ٿو.

هيپاٽائيٽس جا قسمَ:

هيپاٽائيٽس جي قسمن ۾ هيٺيان 7 قسم عام آهن:

1 ــ آٽو اميُون هيپاٽائيٽس

2 ــ هيپاٽائيٽس اَي (A)

3 ــ هيپاٽائيٽس بِي (B)

4 ــ هيپاٽائيٽس سِي (C)

5 ــ هيپاٽائيٽس ڊِي (D)

6 ــ هيپاٽائيٽس اِي (E)

7 ــ نون ڄاول ٻارن ۾ ٿيندڙ هيپاٽائيٽس

مٿي بيان ڪيل 7 مان 5 وائرس اهڙا آهن، جيڪي وائرل هيپاٽائيٽس جي مختلف شڪلين جو سبب بڻجن ٿا. ’هيپاٽائيٽس اَي (A)‘ گھڻو ڪري خوراڪ مان پيدا ٿيڻ واري بيماري آهي ۽ اها گدلي پاڻيءَ ۽ ڌوتل کاڌي مان ڦهلجي سگھي ٿي. ’هيپاٽائيٽس اَي (A)‘ جو ڦهلاءُ سڀني کان سؤلو آهي، خاص طور تي ٻارن ۾، پر اهو جگر کي ايڏو نقصان ڪونهي پهچائيندو ۽ ان رستي جگر کي ڇِيهو رسڻ جو امڪان گھٽ ۾ گھٽ هوندو آهي. ان قسم جو هيپاٽائيٽس عام طور تي هلڪو ٿئي ٿو ۽ ڇهن مهينن اندر مڪمّل طور تي ڇڏي وڃي ٿو. ’هيپاٽائيٽس بِي (B)‘ گدلي رت، استعمال ٿيل سُين ۽ سرنجن جي ٻيهر استعمال يا جسماني رطوبتن رستي ماءُ مان ٻار ۾ ڦهلجي سگھندو آهي. هي هڪ دائمي مرض آهي ۽ ڪن صورتن ۾ اهو وائرس ڪيترا سال پوءِ به جگر کي ڊگھي مدي وارو نقصان پهچائڻ، جگر جي ڪينسر ۽ جگر جي ’سروسِس‘ جو سبب به بڻجي سگھي ٿو. ’هيپاٽائيٽس سِي (C)‘ صرف متاثره رت رستي يا ٻار جي پيدائش جي دؤران ماءُ مان نئين ڄاول ٻار ۾ منتقل ٿيندو آهي. اهو به ڊگھي مُدي ۾ جگر جي ڪينسر ۽ ’سِروسس‘ جو باعث بڻجي سگھي ٿو. جڏهن ته ’هيپاٽائيٽس ڊِي (D)‘ صرف انهن ماڻهن کي ٿيندو آهي، جيڪي اڳ ۾ ’هيپاٽائيٽس بِي (B)‘ کان متاثر ٿيا هجن. ’هيپاٽائيٽس اِي (E)‘ گھڻو ڪري افريڪا، ايشيا ۽ ڏکڻ امريڪا ۾ رپورٽ ٿئي ٿو. ڪجھه عام طور تي محفوظ سمجھيُون ويندڙ دوائون، جگر لاءِ زهريليُون ٿي سگھن ٿيون ۽ وڌيڪ مقدار ۾ يا تمام گھڻي مقدار ۾ کائڻ سان هيپاٽائيٽس (منشيات کان متاثره هيپاٽائيٽس) جو سبب بڻجي سگھن ٿيون. جن دوائن ۾ ’ايسيٽا مونيفين‘ (ٽائيلينول) ۽ ايتريقدر جو وٽامن A به شامل آهن. انڪري ضروري آهي ته اوهان پنهنجي ٻار لاءِ مناسب خوراڪ جي باري ۾ ٻارن جي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان صلاح ضرور ڪندا رهو.

هيپاٽائيٽس جُون علامتُون / پارَ پتا:

هيپاٽائيٽس جي علامتن مان ڪجھه پارن پتن ۾ بي چيني، پيٽ ۾ (خاص طور تي پيٽ جي مٿئين ساڄي پاسي ۾) نرمي، مسلسل ٿڪاوٽ، يرقان (چمڙيءَ جو ڦِڪو ٿيڻ ۽ اکين جو سفيد حصّي جو هيڊو ٿي وڃڻ)، گهري رنگ جو پيشاب، پيٽ جو سُور، اُلٽيءَ سان گڏ يا ان کان بغير دل ڪچِي ٿيڻ واري ڪيفيت (متلِي) ۽ مسلسل ان ڪيفيت برقرار رهڻ جي ڪري پيٽ ۾ سوڄ وغيره شامل آهن.

هيپاٽائيٽس جِي تشخيص:

هيپاٽائيٽس جي تشخيص لاءِ وقت سِر هيٺيان اُپاءَ وٺڻ ضروري آهن:

ــ مڪمّل جسماني ٽيسٽون ڪرايون وڃن، جيڪي سوڄ يا وڌيل جگر کي ظاهر ڪري سگھن ٿيون.

ــ جگر جي اينزائمز جي جاچ ڪرڻ لاءِ خون جُون ٽيسٽون ڪرايون وڃن، جيڪي جگر جي خراب هئڻ يا انفيڪشن هئڻ تي وڌن ٿا، گڏوگڏ هيپاٽائيٽس جو باعث بڻجڻ وارن 5 وائرسن مان ڪنهن جي موجودگيءَ جي چڪاس لاءِ رت جي ٽيسٽ به ڪرائڻ گھرجي.

ــ ڪنهن به تبديليءَ جو پتو لڳائڻ لاءِ جگر جو الٽراسائونڊ ڪرائڻ ضروري آهي.

ــ شڪ واريءَ سوزش جي تصديق ڪرڻ لاءِ جگر جي بايوپسي ڪرائڻ ضروري آهي، جڏهن ٻيون ٽيسٽون نتيجي خيز نه رهيون هجن، ان صورت ۾ جگر جي نقصان جي صحيح پيماني جو تعين ڪرڻ بايوپسي انتهائي ضروري بڻجي ويندي آهي.

هيپاٽائيٽس جو علاج:

هيپاٽائيٽس جي انفيڪشن کان بچڻ لاءِ، ٻارن يا ڪنهن به عمر جي ماڻهن (جن کي اڳ ۾ ويڪسين نه لڳائي وئي هجي) کي هيپاٽائيٽس B ۽ هيپاٽائيٽس A کان بچاءَ وارِي ويڪسين لڳرائڻ گھرجي. هيپاٽائيٽس جي قسمن C، D ۽ A جي خلاف ڪائي ويڪسين موجود ناهي. بدقسمتيءَ سان هڪ ڀيرو هيپاٽائيٽس ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جو ڪوئي علاج موجود ناهي. اسان وٽ علاج فقط جگر کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ، جي ممڪن هجي ته موجوده نقصان کي دُور ڪرڻ ۽ ٻين علامتن کان نجات جو ئي موجود آهي. شديد هيپاٽائيٽس جا گھڻا تڻا معاملا، وقت سان گڏ آهستي آهستي پاڻ ئي حل ٿي ويندا آهن. البته ’آٽو اميُون هيپاٽائيٽس‘ ۾، وڌيڪ فعال مدافعتي نظام کي يقيني بڻائڻ ۽ انکي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ڪجھه دوائون استعمال ڪري سگھجن ٿيون، ته جيئن جگر تي ٿيندڙ وڌيڪ حملن کي روڪي سگھجي.

اچو ته انهن احتياطي تدبيرن سان پاڻ کي، پنهنجي ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي هيپاٽائيٽس کان بچائڻ لاءِ اُپاءَ وٺي سگھون ۽ سنڌ توڙي پاڪستان کي هيپاٽائيٽس (ڪاري يرقان) کان آجو ڪريون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.