بدر ابڙي جي ڪتابَ ” رياست جهنگل جي آکاڻي “ جو جائزو

تحرير: امين جويو

اڄ پڙهندڙن کي بدر ابڙي جي ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي ” رياست جهنگل جي آکاڻي “ جي باري ۾ ٻڌائبو ، جيڪو سن 1992ع ۾ سنگم پبليڪيشن ، ڪراچي. ڇپائي پڌرو ڪيو هو.

هن ڪهاڻين جي ڪتابَ ۾ ڪُل اڻويهه ڪهاڻيون آهن ، جن منجهان ” لوهي ڄاريون ، لازمي خدمت ، لالان ، نيرا نيڻ ريٽو رَت ، لوفر ۽ وارث جي عنوان واريون ڪهاڻيون واقعاتي ڪهاڻيون آهن ، جيڪي ليکڪَ ڪجهه خاص واقعن کان متاثر ٿي لکيون آهن.

جڏهن ته ” ٻوساٽَ ، اَمن ٿيندو ، ٻه ڪنارا- پُل ، پَگهر خوشبو- ڪارو گُلاب ، بَٺيءَ جي ڪُکِ ۾ جنم وٺندڙ جِيو ، پنڊ پاهڻ ، ٽِياس ، ڀُورن ڪارن ڪڪرن هيٺ ۽ رياست جهنگل جي آکاڻي جي عنوان وارين ڪهاڻين سان ليکڪَ جو سِڌي يا اڻ سِڌي طرح واسطو رهيو آهي. هنن سڀني ڪهاڻين ۾ ليکڪَ پنهنجي اَندر جي اُڌمن ، ٻُوسٽ ۽ پنهنجن حساس جذبن جو اظهار کُليءَ دِل سان ڪيو آهي . اڪثر ڪهاڻيون اَسي واري ڏهاڪي جي پس منظر ۾ لکيل آهن ، جنهن ۾ سنڌ اندر باهه ٻريل هئي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جون حالتون خراب هيون ، هر هنڌ سياسي جهيڙا ، ڪرفيو ۽ وحشت وارو ماحول هو ، جنهن کي ليکڪَ لفظن جو لباس پارائي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي .

هن سموري ڪتابَ ۾ جيڪا ڪهاڻي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ لڳي ٿي اها ” رياست جهنگل جي ڪهاڻي “ آهي . جنهن ۾ ليکَڪ وڏي ڏاهپ سان ڪمال ڪيو آهي ۽ جهنگ جي ماحولَ ۾ جانورن کان ڳالهرائي پنهنجي ڳالهه پڙهندڙن تائين هڪ انوکي انداز سان پهچائي اٿس!. هي لاجواب ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ مون ۽ توهان سميت سَچ پَچ هر هڪ ماڻهو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيندو…!.

هن ڪتابَ ۾ ليکڪ پنهنجي پاران لکيل لفظن ۾ پڻ چِٽي نموني لکيو آهي ته ” سَچ پَچ ته هنن ڪهاڻين جا سڀ ڪردار سچا آهن ، ڪٿي مان پاڻ آهيان ته ڪن ڪردارن ۾ مون پنهنجي تصوير ڏٺي آهي. انهن سڀني واقعن کي ڪهاڻين جو روپ ڏئي مون پنهنجو پاڻ کي پرچايو آهي يا دنيا آڏو ڏکن ۽ دردن خلاف ايف آءِ آر ڪٽائي آهي ؟ ان جو فيصلو پڙهندڙ ڪن ته چڱو !“

هن ڪتابَ جون ” چَٽيل گوڏا رِڙهندڙ ماڻهو ، ٻن ڌُرين ۾ ڪُٽجندڙ کينهوڙو ۽ موکي متارن جو مهمان “ جي عنوان واريون ڪهاڻيون علامتي آهن . اهي ٽيئي ڪهاڻيون انهيءَ وقت ۽ هاڻوڪي وقت جون حقيقتون آهن ، جن کي رڳو سمجهڻ جي ضرورت آهي. مطلب ته گُذريل ٽِن ڏهاڪن ۾ ڪجهه به مَٽيو ڪونهي …. هر ڳالهه ساڳئي جو ساڳئي ۽ اُتي جو اُتي بيٺل آهي!

هن ڪتاب جي اوڻويهين ۽ آخري ڪهاڻي ” ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين “ جي عنوان سان آهي . ۽ اها ڪهاڻي لطيف جذبن ، پيار جي احساسن ، رومانس ۽ وڇوڙي جي موضُوع تي لکيل آهي . هي ڪهاڻي به ليکڪَ جي شاهڪار ڪهاڻي آهي ، جيڪا ليکڪَ جي اندر جي اُڌمن ، احساسن ۽ جذبن کي ظاهر ڪري ٿي .

هن ڪتابَ جون سموريون ڪهاڻيون سماج جو عڪس آهن جن جي ليکڪَ وڏي مهارت ۽ محنت سان اُڻت ڪئي آهي ۽ پنهنجي مشاهدي کي هنن ڪهاڻين ۾ائين پوئي ڇڏيو اٿس جيئن عورتون سهڻن ۽ رَنگ بَرنگي موتين کي سُئي ڌاڳي سان پوئينديون آهن.

سائين بدر ابڙي جي ڪهاڻين جو مَحوَر ٻُوساٽ ، زمين ، انسان ۽ سندن جذبن جو اظهار آهي . ڪهاڻين جا ڪردارَ ۽ ڪهاڻين جو پسمنظر گهڻو ڪري سنڌ جي ڌرتي آهي . هن ڪتابَ  ۾ ليکڪَ پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪِردارن کي بلڪل آزاد ڇڏيو آهي ۽ لڳ ڀڳ سڀني ڪهاڻين ۾ فيصلو پڙهندڙن جي مٿان رکيو اٿس ، يعني پڙهندڙَ جيئن سمجهن ! هر ڪهاڻي جي اُڻت شاندار آهي ۽ ڪهاڻين ۾ منظرنگاري به بهترين نموني جي ٿيل آهي . ان سان گڏ ڪردارن جا نالا به ماحول سان ٺهڪندڙ آهن . مثال طور ليکڪَ جا ٻه ٽي جملا هتي ڏجن ٿا ، جن ۾ ڪردارن ۽ ماحول جو تاڃي پيٽو چٽيءَ ريت پَسي سگهجي ٿو. سندس پهرين ڪهاڻي ” ٻُوساٽَ “ ۾ لکيل آهي ته ؛ ” پِيرل جي ننڍڙي ، گاري ۽ ڪَکن سان اَڏيل ڪچڙِي جاءِ … “. سندس هڪ ڪهاڻي ” لالان“ ۾ لکيل آهي ته؛ ” .. مرد ڄڃَ جي انتظار ۾.. انتظار پورو ٿي ويو هو ، مِٽيءَ جي ٿَلهي تي غاليچا ۽ انهن تي اڇي ڏاڙهيءَ سان مولوي صاحب.. هيٺ وِڇايل غِلمن تي عام خلق .. هڪڙي پاسي کارڪن جا کارا ، ٻئي پاسي باهه تي ديڳيون ! ڄڃَ به اِجها اچڻ واري هئي.. “ .  ان کان سواءِ ليکڪَ پنهنجي هڪ ٻي ڪهاڻي ” ٻهَ ڪنارا – پُل “ ۾ هن طرح جي منظر نگاري ڪئي آهي ته؛ ” حُسين ، ڏهن يارهن سالن جو هڪ ٻار ؛ کُٿل سُٿڻ قميصَ ، وار ڦِٽل ، پير اُگهاڙا ، رَنگ ٻير جي ڪاٺيءَ جهڙو،  لِڱ نرم! …  ڪَلراٺي زمين جي سيني تي ڊنل هرڻيءَ جيان ڊوڙندڙ .. سندس پهرين منزل بس جو اسٽاپ هئي ، پوءِ پتڻ ۽ پوءِ سنڌوءَ جي هن پار سندس ڳوٺ..“.

مطلب ته توهان کي هر ڪهاڻي جا ڪردارَ ۽ پس منظرَ ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل لڳندا. هر ڪهاڻي توهان کي پنهنجي ئي ماحول ۽ معاشري جو اولڙولڳندي جنهن ۾ ڪٿي توهان پاڻ بيٺل هوندا ته ڪٿي وري ڪهاڻي ۾ پيش ڪيل منظر ڏسي رهيا هوندا!

هن ڪتابَ جي شروعات ۾ ليکڪَ جي والد جمال ابڙي ، قمر شهباز ۽ علي احمد بروهيءَ به پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ، جيڪي پڙهڻ جوڳا آهن. هڪ سئو پنجاهه صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب هن وقت ڪاٺياواڙ بُڪ اسٽور ، اردو بازار ، ڪراچي ۾ وِڪري لاءِ موجود آهي. سائين بَدر ابڙي جي ڪهاڻين جو هي پهريون ڪتاب پڙهڻ جو چاهه رکڻ وارن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.