تائيوان چين تڪرار ڇا آهي؟

تحرير: پرڏيهي واءُ سواءُ

چين نه رڳو تائيوان کي پنهنجو حصو سمجهي ٿو، پر اهو به ارادو اٿس ته جيڪڏهن ضروري ٿي پيو تھ ھو طاقت سان ھن ٻيٽ کي ”متحد“ رکندو، انڪري  ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.

ڪجهھ سالن ۾، چين ۽ تائيوان جي وچ ۾ اھو تڪرار وڌي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻيٽ جي حيثيت تي اختلاف آھي، بيجنگ حڪومت تائيوان جي ٻيٽ کي پنھنجي ملڪيت ھئڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ۽  ان کي ”ٻيهر شامل“ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان سلسلي جيڪڏهن ضروري ٿي پيو تھ طاقت کي بھ استعمال ڪيو ويندو. تائيوان سان ڪو به چيني ٽڪراءُ   آمريڪا کي ميدان ۾ آڻيندو، ڇاڪاڻ ته واشنگٽن جا تائيوان  حڪومت سان خاص لاڳاپا آھن. چين ۽ تائيوان 1949 کان الڳ ٿي ويا آهن. اهو تڏهن ٿيو جڏهن چيني گهرو ويڙهه مائو زي تنگ جي اڳواڻي ۾ ڪميونسٽن جي فتح سان ختم ٿي ھئي، ان وقت شڪست کاڌل قومپرست، مائو، جو مخالف  ۽ڪومن ٽانگ پارٽي جو اڳواڻ چيانگ ڪائي شيڪ جي اڳواڻي ۾ تائيوان ڀڄي ويا. تائيوان ۾ ان وقت کان وٺي هڪ الڳ ۽ آزاد حڪومت آهي. تائيوان کي سرڪاري طور تي چائنا  جمهوريه طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته چين جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه چائنا آهي. تائيوان اسٽريٽ هن ٻيٽ کي چين کان جدا ڪري ٿي. تائيوان ۾ جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت ۽ 23 ملين ماڻهن جي آبادي آهي. ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين، بيجنگ حڪومت تائيوان کي  ھڪ باغي صوبي طور ورتا ڪندو رھيو آھي ۽ ان کي چين سان شامل ڪرڻ جو ارادو  رکي ٿو.

تائيوان جي بين الاقوامي حيثيت ڇا آهي؟ بيجنگ جو موقف آهي ته رڳو ”هڪ چين“ آهي ۽ تائيوان ان جو حصو آهي. چين دنيا جي ملڪن تي دٻاءُ وجهندو رھي  ٿو ته هو بيجنگ جو ساٿ ڏين ۽ تائيوان سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪن.

تائيوان  گڏيل قومن جي ايجنسين جو ميمبر نه آهي، جيتوڻيڪ ھن وٽ ايشيائي ترقاتي بينڪ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي رڪنيت آھي. چين دنيا جي ڪمپنين تي پڻ دٻاءُ وجهي ٿو ته اھي تائيوان کي چين جو حصو تسليم ڪن. مثال طور، 2021 ۾، چين يورپي يونين جي ميمبر لتٿوانيا سان واپاري لاڳاپن  کي ختم ڪري ڇڏيو. ان جو سبب اهو هو ته هن يورپي ملڪ تائيوان کي پنهنجي راڄڌاني ۾ ھڪ آفيس کولڻ جي اجازت ڏني هئي.

تائيوان سان آمريڪا جا لاڳاپا ڪيئن آهن؟

چين ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن بعد آمريڪا جمهوريه چين (تائيوان) کي سموري چين جي حڪومت طور تسليم ڪيو. پر 1979ع ۾ واشنگٽن پاران ،جمهوريه چين (تائيوان) سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ۽  دفاعي معاهدا ختم ، ڪري عوامي جمهوريه چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. جيتوڻيڪ هن تبديلي جي باوجود، واشنگٽن غير رسمي طور تي تائيپي سان ويجهي لاڳاپا برقرار رکيا آهن. آمريڪا بيجنگ طرفان بار بار خبردار ڪرڻ جي باوجود دفاعي مقصدن لاءِ تائيوان کي فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جاري رکي ٿو. يو ايس نيوي جا جنگي جهاز پڻ باقاعده تائيوان سامونڊي لنگھھ مان گذري رهيا آهن ته جيئن علائقي ۾ آمريڪي فوجي طاقت ڏيکاري  وڃي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته ھن جو مقصد  امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي سربراهي ۾، آمريڪا تائيوان سان فوجي لاڳاپا مضبوط ڪيا آهن، هٿيارن جي پھچ وڌائي ۽ ھن کي 18 بلين ڊالر کان وڌيڪ هٿيار وڪرو ڪري ڏنا.

تازو، صدر جو بائيڊن چيو آهي ته آمريڪا تائيوان جو دفاع ڪندو،  ڇا چين تائيوان تي حملو ڪري سگهي ٿو؟ بيجنگ حڪومت تائيوان کي ٻيهر چين جو حصو بڻائڻ لاءِ طاقت جي استعمال کي رد نه ڪيو آهي. جنوري 2019 ۾ هڪ اهم تقرير ۾، چيني صدر شي جن پنگ ٻيهر اتحاد جو مطالبو ڪيو ھو. هن  چيو ته، "اسان طاقت جي استعمال کي رد ڪرڻ جو واعدو نه ٿا ڪريون ۽ تمام ضروري وسيلا استعمال ڪرڻ جو اختيار محفوظ رکون ٿا.”

چين تيزي سان تائيوان جي ويجهو پنهنجا جنگي، بمبار ۽ نگراني ڪندڙ جهاز موڪلي رهيو آهي، جڏهن ته ان جا جنگي جهاز به طاقت جي نمائش ۾ تائيوان جي سامونڊي پٽي مان اندر ۽ ٻاهر گذري رهيا آهن.

طاقت جي ان نمائش سان  حالتن بگڙڻ جو  خدشو پيدا ٿي ويو  آھي هڪ نئون تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.