اينٽي اسٽيبلشمينٽ سياست وارو بيانيئو

تحرير: عرفان محبوب (ايڊووڪيٽ)

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پي ڊي ايم جماعتن ۾ عدليا ۽ فوج جي نيوٽرل عرف غيرجانبدار نه هئڻ جو احساس تيزي سان اڀري رهيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف کي وري فوج ۽ عدليا نيوٽرل عرف غيرجانبدار محسوس ٿي رهيون آهن. ان کان پهرين جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ رد ڪرڻ واري رولنگ غيرقانوني قرار ڏني وئي ته پي ڊي ايم جماعتن کي فوج ۽ عدليا غيرجانبدار ۽ تحريڪ انصاف کي وري جانبدار محسوس ٿيون هيون. نه فقط ايترو پر پي ڊي ايم جماعتن خاص طور تي نون ليگ جو اينٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ ووٽ کي عزت ڏيو وارو بيانيئو پڻ منطقي انجام تائين رسيو هو.

عمران خان جي حڪومتي دور ۾ جڏهن پي ٽي آءِ ڊسڪا چونڊون هارايون ته پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن غيرجانبدار ۽ عمران خان کي جانبدار محسوس ٿي ۽ عمران خان جو اهو احساس وري پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ختم ٿي پي ڊي ايم جماعتن ڏانهن منتقل ٿي ويو. پي ڊي ايم جماعتن جي حڪومت ۾ اچڻ بعد تحريڪ انصاف خاص طور تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جهڙي ريت ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائي اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيئو ڊولپ ڪيو هو. اهو وري پنجاب ۾ سندس حڪومت ۾ واپس ايندي ئي پڄاڻي تي پهتو.

جڏهن ته پي ڊي ايم جي ٽن وڏين جماعتن پيپلزپارٽي، نون ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) هڪ ڀيرو ٻيهر اينٽي اسٽيبلشمينٽ ( فوج ۽ عدليا) بيانيئي ۾ سور ڦوڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ بدترين ناڪامي بعد اهو تاثر عام ٿي ويو هو ته پي ڊي ايم کي هاڻي عوامي حمايت حاصل نه آهي. ان لاءِ حڪمران اتحاد عام چونڊن ڏانهن ويندو پر پي ڊي ايم وڏي وزير جي تڪراري اليڪشن ڪرائي حمزا شهباز کي پنجاب جو چڱو مڙس ڪرايو پر بعد ۾ سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏ وزارت پرويز الاهي يعني پي ٽي آءِ کي ڏياري. عدالتي فيصلي کانپوءِ به اها ڳالهه عام ٿي ته پي ڊي ايم هاڻ عام چونڊون ڪرائيندي پر حڪمران اتحاد عام چونڊن بدران عدليا جي اختيارن کي محدود ڪرڻ لاءِ سندرا ساهي ورتا ۽ تازو ئي قومي اسيمبلي مان عدالتي سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪرايائون. ان ڪميٽي وسيلي سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ يا ان جا هٿ وڍڻ لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي گڏيل اميدوار پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏي وزير بڻائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پي ڊي ايم جماعتون محسوس ڪري رهيون آهن ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، جڏهن ته قاسم سوري جي رولنگ سپريم ڪورٽ مان رد ٿيڻ تي اهي جماعتون گَد گَد هيون. اقتدار ۾ اچڻ بعد حڪمران اتحاد ئي سي ايل مان نالا خارج ڪرڻ توڙي نيب قانون ۾ ترميم سميت پي ڊي ايم حڪومت جي مختلف فيصلن خلاف پاڻمرادن نوٽيسن توڙي عدالتي آبزرويشن کي حڪومتي معاملن ۾ مداخلت سمجهي ٿو ۽ ان تي ڪاوڙيل به نظر اچي ٿو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ته اصل کان ئي ادارن خلاف ڳالهائڻ سبب شهرت رکي ٿي پر گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ ادارن خلاف ڪيل تقرير ان جو زندهه مثال آهي. پي ڊي ايم جماعتن جو خيال آهي ته ادارا عمران خان کي هڪ طرح ۽ کين وري ٻي طرح سان ٽريٽ ڪن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سمجهن ٿا ته عدليا وٽ عمران خان لاءِ انصاف جو پئمانو هڪڙو ۽ سندن لاءِ ٻيو آهي. حڪمران اتحاد عمران خان کي اڃا به فوج جو لاڏلو سمجهي ٿو. هي سمجهن ٿا ته عمران خان دڙڪا داٻا ڏئي ادارن کان پنهنجي مرضي موجب فيصلا يا ڪم وٺي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو حڪمران اتحاد ۾ شامل ٽن وڏين جماعتن (ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ) فوج ۽ عدليا خلاف عمران خان وانگر جارحاڻي پاليسي اختيار ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪمران اتحاد ۾ پکڙيل ڪاوڙيل جي تازي لهر شايد ان دٻاءُ جو حصو آهي ۽ سندن مطالبو آهي ته تحريڪ انصاف خلاف ورهين کان پينڊنگ پيل فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو فوري طور ٻڌايو وڃي. هُو سمجهن ٿا ته اليڪشن ڪميشن جي انهي فيصلي سان پي ٽي آءِ ختم ۽ عمران خان چونڊ ميدان مان بيدخل ٿي ويندو. اهڙي ريت کين صاف رستو فراهم ٿي ويندو. انهيءَ خدشي سبب شايد عمران خان وري اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي ۽ هُو چاهي ٿو اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ نئين سِر ٿئي، نتيجي طور فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو بدستور رولڙي جو شڪار آهي ۽ ٻنهي ڌرين طرفان ادارن تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي.هِن وقت دلچسپ صورتحال اها آهي ته پي ٽي آءِ، پيپلزپارٽي، نون ليگ ۽ جي يو آءِ اينٽي اسٽيبليشمنٽ ( فوج ۽ عدليا) بيانيئو اختيار ڪيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ هي شايد پهريون ڀيرو آهي جو سياسي جماعتن/قيادت جي سياست جو مرڪز رڳو اسٽيبليشمنٽ ( فوج ۽ عدليا) آهي، جيڪو ملڪ جي ٻن اهم ادارن جي بدنامي ۽ ملڪي توڙي عالمي سطح تي سندن ساک خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ بعد حڪمران اتحاد سخت دٻاءُ ۽ پريشاني جو شڪار آهي. حڪمران اتحاد سمجهي ويو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ حڪومت قائم ڪرڻ بعد عمران خان ٻن سيٽن تي بيٺل سندن حڪومت کي ڪڏهن به وفاق مان فارغ ڪرائي سگهي ٿو يا وري حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تائين ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين نه به ٿئي ته عمران خان پنجاب حڪومت وسيلي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ پنهنجو رستو صاف ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن هُو ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب مان ڪامياب ٿي ويو ته وفاق ۾ به سندس ئي حڪمراني هوندي ۽ پي ڊي ايم حڪومت جا وفاق ۾ هئڻ باوجود هٿ ٻڌل هوندا. اهڙي ريت پي ڊي ايم عمران خان کي وفاق مان نيڪالي ڏيڻ باوجود ڪامياب ٿيڻ کان روڪي نه سگهندو ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهندو. ان لاءِ هاڻي ٻئي ڌريون سياست بچائڻ لاءِ سياسي فيصلن ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيئي طرف وڌي رهيون آهن. نتيجي طور ڊالر جي مُلهه ۾ ڏينهوڏينهن چاڙهه ۽ رپئي جي قدر ۾ ڏينهوڏينهن لاٿ اچي رهي آهي. سچ پچ ته هي شرم جوڳو مقام آهي. سياسي عدم استحڪام ملڪي معيشت جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. تيل جون قيمتون وڌڻ کانپوءِ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ وڌندڙ بيروزگاري عام ماڻهو جو جيئڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ اڻ ڳڻين مسئلن جي گهيري ۾ آهي.

هي وقت هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ يا ادارن تي تنقيد يا وري پراڻا پلاند پاڙڻ جو نه پر متحد ٿيڻ جو آهي. سياسي جماعتن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ويهڻ گهرجي. جيڪڏهن سياسي جماعتون هڪ نه ٿيون ٿين پوءِ اخلاقي گهرجون اهي آهن ته پي ڊي ايم عام چونڊن ڏانهن وڌي. ملڪ کي هاڻي صرف فريش مينڊيٽ ئي بچائي سگهي ٿو. موجوده صورتحال جيڪڏهن وڌيڪ ڇهن مهينن تائين ائين ئي برقرار رهي ته پوءِ حالتون ضابطي مان نڪري وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.