پي ڊي ايم اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب جي رولنگ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڳالهيون ٿيون.

پي ڊي ايم طرفان سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل فيصلي جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

اڳواڻن فيصلو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف عوامي مهم هلائي ويندي.

مولانا فضل الرحمان تجويز ڏني ته عدليه جي فيصلي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي.

اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن تي پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي.

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلزپارتي ۽ اي اين پي کي باقاعده پي ڊي ايم ۾ واپسي جي دعوت ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب حڪومتي اتحادي پارٽين جي سربراهن کي به پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي.

اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر ڪيس ۾ عدالتي فيصلي کي رد ڪيو ويو.

مريم نواز چيو ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اسان جو فل ڪورٽ جو جائزو مطالبو نه مڃيو ويو.

هن چيو ته اسان کي هاڻي نظرثاني ۾ وڃڻو آهي يا خاموش رهڻو آهي، فيصلو ڪرڻو پوندو.

ذريعن موجب عدالتي سڌارن جي حوالي سان قومي اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرائڻ جي آجيان ڪئي وئي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻي اسان کي واضح رخ وٺڻو پوندو جڏهن ته شاهد خساقان عباسي چيو ته مفاهمتي پاليسي پهرئين ڏينهن کان اسان کي نقصان پهچايو.

نواز شريف جو چوڻ هو ته لاڏلي جي چئن سالن جي ناقص ڪارڪردگي اسان تي وڌي وئي، رڳو ملڪ بچائڻ لاءِ حڪومت ۾ اچڻ قبول ڪيو، نه ته پهرئين ڏينهن کان مان ان حالت ۾ حڪومت ٺاهڻ جو مخالف هيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.