چونڊون وقت تي ٿينديون، حڪومت مدو پورو ڪندي: فضل الرحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.

اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمرا خان خان جو گند هڪ سال ۾ صاف ڪرڻو ڏکيو آهي، عمران خان نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته پي ڊي ايم جو اجلاس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، سياسي جماعتن جي راءِ وٺي گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ساک بچائڻ اسان لاءِ چئلينج آهي، اليڪشن ڪميشن فوري طور فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي، ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان پنهنجا اڪائونٽ لڪايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.