موٽرسائيڪلون به عوام جي پهچ کان پري ٿيڻ لڳيون، اگهن ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برانڊڊ کانپوءِ مقامي ۽ چائنيز موٽرسائيڪلون به مهانگيون ٿي ويون آهن.

عوام جي سستي سواري مقامي ۽ چائنيز موٽرسائيڪل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

يونيڪ ۽ ٻين ڪمپنين مختلف ماڊلز جي اگهن ۾پنج هزار رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اهري واڌ کانپوءِ چائنيز 70 سي سي جو اگهه 78 هزار رپيا ٿي ويو آهي.

ڪمپنين جو چوڻ آهي ته اهڙي واڌ جو سبب ڊالر جو اگهه وڌڻ آهي جنهن سبب بائيڪ جي تياري ۾ ڪم ايندڙ ٻين شين جي اگهن ۾ به واڌ ٿي آهي.

موٽرسائيڪل ڊيلرز الائنس جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪل جو ڪاروبار ختم ٿي ويو آهي.

اگهن ۾ لاڳيتي واڌ سبب غريب عوام ڏکيائين جو شڪار آهي.

ان کان اڳ هنڊائي نشاط به پنهنجين گاڏين جا اگهه وڌائي ڇڏيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.