ٽي ٽي پي سان ڳالهين خلاف اي پي سي سانحي ۾ شهيدن جي وارثن جي درخواست خارج

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين خلاف آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي وارثن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست تي ٻڌڻي جسٽس لعل جان خٽڪ ۽ جسٽس شاهد خان ڪئي، پشاور هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست خارج ڪري ڇڏي.

درخواستگذار جو موقف هو ته حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ڪيس ۾ اهم آفيسرن خلاف اڃا تائين ايف آءِ آرز داخل نه ٿيون.

بچاءَ واري وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته اي پي ايس حملي جي جوابدارن کي سزائون ڏنيون ويون آهن.

پوءِ عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.