جنگ سٽيل يوڪرين جو صدر ۽ زال رومانوي فوٽوشوٽ ۾ رڌل، ماڻهو مڇرجي پيا

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي خاتون اول اولنا ڪياشڪو ۽ سندس مڙس صدر ولاديمير زيلينسڪي فيشن ميگزين ’ووگ‘ لاءِ فوٽو شوٽ ڪرايو.

اولنا ڪياشڪو ۽ ولاديمير زيلينسڪي جو فوٽو شوٽ ميگزين پاران ٻه ڏينهن اڳ 26 جولاءِ تي جاري ڪيو ويو هو، جيڪو ميگزين جي آڪٽوبر جي شماري ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Vogue (@voguemagazine)

يوڪرين جو صدر ۽ سندس زال ميگزين جي آڪٽوبر 2022 جي سرورق تي نظر ايندا، هن وقت ميگزين رڳو انهن جون تصويرون آن لائن جاري ڪيون آهن.

جڏهن ٻنهي مڙس ۽ زال جون تصويرون سامهون آيون ته سڄي دنيا جي ماڻهن مٿن سخت تنقيد ڪئي ۽ الزام هنيو ته هو جنگ کي رومانوي شڪل ڏيڻ چاهين ٿا ۽ انهن لاءِ جنگ ڪو مسئلو ناهي.

هڪ فيشن ميگزين لاءِ فوٽو شوٽ ۾ خاتون اول فوجين جي وچ ۾ فيشن واري لباس ۾ پوز هڻندي نطر اچي ٿي جڏهن ته هڪ ٻئي فوٽو ۾ هن کي پنهنجي مڙس صدر زيلنسڪي سان رومانوي پوز ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

ٻنهي جون تصويرون ڏسڻ کان پوءِ ماڻهن مٿن تنقيد ڪئي ۽ لکيو ته سندن ملڪ جنگ جي ڪري تباهه ٿي رهيو آهي ۽ هو فوٽو شوٽ ڪرائڻ ۾ رڌل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.