ٽنڊي غلام حيدر ۾ اي سي جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان اجلاس

ٽنڊي غلام حيدر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر انور علي ميمڻ جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران امن امان جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي، مختيار روينيو مجيب الرحمان نندواڻي، ايم ايس ڊاڪٽر عامر خشڪ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شڙڪت ڪئي.

اسسٽنٽ ڪمشنر هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي

هن چيو ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ انتظاميا جي مدد لاءِ پوليس فورس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته حساس علائقن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي طور قدم کنيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.