مٽياري ۾ محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سخت نگراني ڪرڻ ۽ هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ جي تلاشي جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
مٽياري ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد عدنان راشد جي صدارت هيٺ لطيف هال ۾ اجلاس ٿيو جنن ۾ لاڳاپيل عملدارن شڙڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته محرم الحرام جي انتظامن لاءِ صحت، پوليس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٽائون انتظاميه جو اهم ڪردار آهي ۽ اهي پنهنجون ڏنل ذميواريون احسن طريقي سان سرانجام ڏين.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري اجلاس ۾ موجود مختلف مڪتب فڪر جي علماءِ اڪرام کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪن.