ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ ٿيندڙ برساتن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
موسميات کاتي جي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 85 ملي ميٽر برسات مسرور بيس ۾ رڪارڊ ٿي، جنهن سان مسرور بيس ۾ برسات جو 55 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو، مسرور بيس تي 1967 ۾ 509 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي هئي.
موسميات کاتي موجب گلشن حديد ۾ 566، ڊي ايڇ اي ۾ 509 ۽ فيصل بيس تي 444 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.
انگن اکرن موجب قائدآباد ۾ 424، سرجاڻي ۾ 408، ناظم آباد ۾ 344، ڪراچي ايئرپورٽ ۾ 343 ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 309 ملي ميٽر برسات پئي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اورنگي ٽائون ۾ 293، ڪياماڙي ۾ 291، يونيورسٽي روڊ تي 262، گلشن معيار ۾ 239، صدر ۾ 236، سعدي ٽائون ۾ 226 ۽ ڪورنگي ۾ 152 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.