اي سي سي اجلاس، سستي ڪڻڪ، پيٽرول ڊيلرز جي مارجن سميت اهم فيصلن جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ لاءِ سڀ کان گهٽ ٻولي واري ٽينڊر جي منظوري ڇڏي وئي.

پڌرائي موجب ڪڻڪ جي خريداري لاءِ روسي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي.

اجلاس ۾ فاطمه فرٽيلائزر پلانٽس کي مقامي گئس تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته ڪميٽي پاران ڀاڻ لاءِ لاڳاپيل وزارتن کي گئس جي قميت جو تعين ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

پڌرائي موجب ڪميٽي گاڏين، موبائل فونز ۽ هوم اپلائنسز کانسواءِ درآمدي سامان تي لاڳو پابندي هٽائي ڇڏي جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل لاءِ ڊيلرز جي مارجن جي نظرثاني تجويز جي منظوري پڻ ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي ڊيلز جو مارجن وڌائي 7 رُپين تائين ڪيو ويو آهي، ڊيلرز مارجن نه وڌائڻ تي هڙتال جي ڌمڪي ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.