گڏيل عرب رياستن ۾ برسات 27 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٻوڏ واري صورتحال

گڏيل عرب رياستن ۾ شديد برساتن 27 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن ڪري روڊن تي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

گڏيل عرب رياستن جي شهر فجيرا جي بندرگاهه تي 255 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جيڪو جولاءِ جي مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات جو رڪارڊ آهي.

مسافي ۾ 209 ملي ميٽر ۽ فيجرا هوائي اڏي تي 187 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، نيشنل سينٽر آف ميٽرولوجي  موجب ڀارت کان هوا جو دٻاءُ آيو آهي جيڪو ڊپريشن جو سبب بڻيو ۽ اهو پاڪستان ۽ ايران واري علائقي ۾ پڻ موجود آهي.

شديد برساتن سبب زندگي نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي، جڏهن ته امدادي ادارا پاڻي ۾ ڦاٿل شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن.

حڪومت طرفان شهرين کي گهرن تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

برسات ۽ ٻوڏ وهڪرن ۾ ڦاٿل شهرين  ۽  پناهگيرن کي امداد پهچائڻ لاءِ بچاءُ واري وزارت سميت سمورا ادارا ۽ رضا ڪار متحرڪ ٿي ويا آهن.

حڪومت متاثر علائقن، شارجه، راس الخيمه، فجيرا ۾ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي غيرضروري ملازمن کي جمعي ۽ خميس تي گهران ڪم ڪرائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.