عدالت حليم عادل شيخ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت سندس آزادي جو حڪم ڏنو.

عدالت حليم عادل شيخ کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

واضح رهي ته حليم عادل شيخ کي اينٽي ڪرپشن اهلڪارن گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو، حليم عادل شيخ ڄامشورو اينٽي ڪرپشن جي آفيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ ويو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.