برساتن سبب نقصان، سنڌ حڪومت وفاق کان مدد گهري ورتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ چوماسي جي ٽنهي اسپيلز ۾ برساتن دوران 93 فوتگيون ٿيون آهن، فوت ٿيندڙن ۾ 47 ٻار به شامل آهي، جيڪا تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي.

مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ برساتن جي نقصانن بابت اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ جولاءِ دوران برساتن جو سلسلو شروع ٿيو، سنڌ ۾ هيل نارمل کان وڌيڪ برساتون ٿيون آهن، نقصانن تي وفاق معاوضو ڏيڻ ۾ مدد ڪري.

هن چيو ته بلوچستان سان بچاءُ بندن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، بچاءُ بندن جي مضبوطي سنڌ ۾ پاڻي اچڻ کان روڪيندي، ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين جي گنجائش وڌائڻ جي ضرورت آهي، رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ وڏن برساتي نالن جي اپ گريڊيشن لاءِ وفاقي حڪومت مدد ڪري، وزيراعظم زرعي ترقياتي بينڪ کي هدايت ڏئي ته آفت سٽيل علائقن ۾ زرعي قرضن جي وصولي هڪ سال لاءِ پوئتي ڪري.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت برسات سان متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.