بلوچستان ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي، گهر پٽ، فصل تباهه، 111 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ تيز برساتن تباهي آڻي ڇڏي جتي ڪان مهترزئي مان آيل ٻوڏ جي پاڻي عورت ۽ ٻارڙن سميت پنجن ڄڻن کي لوڙهي ڇڏيو جڏهن ته 100 کان وڌيڪ گهر پٽ پئجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پي ڊي ايم اي موجب ڪان مهترزئي جي علائقي زغلونا ۽ يعقوب ڪاريز ۾ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي آهي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ گهر پٽ پئجي ويا آهن.

ريسڪيو ٽيم ٻوڏ ۾ لڙهي ويل عورت ۽ ٻن ٻارن جا لاش ڪڍي ورتا جڏهن ته ٻن جي ڳولا جاري آهي.

گهر ڊهڻ سبب زخمي 15 ڄڻن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.