پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس، نواز شريف خاموشي ٽوڙي ڇڏي

 

اسلام آباد + لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته لاڏلي جو چئن سالن جو گند اسان تي وڌو ويو، مان پهرئين ڏينهن کان ئي حڪومت ۾ اچڻ جو مخالف هيس.

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته رڳو ملڪ بچائڻ لاءِ حڪومت ۾ اچڻ قبول ڪيو، لاڏلي جو چئن سالن جو گند اسان تي وڌو ويو، مان پهرئين ڏينهن کان ئي حڪومت ۾ اچڻ جو مخالف هيس.

ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته نواز شريف پارٽي قيادت سان مرڪز ۾ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نواز شريف جي پارٽي قيادت سان وقت کان اڳ چونڊن جي آپشن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پي ڊي ايم اڳواڻن ۽ شهباز شريف سان ڪيترائي ڀيرا وقت کان اڳ چونڊن ۽ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي پر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حڪومت ڇڏڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

ذريعن موجب نواز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ رهڻ وڌيڪ مسئلن جو اشارو ڏئي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.