هت نه گاڏي هوندي نه ئي روڊ ، مستقبل جي شهر جي ڊيزائن جاري

هڪ حيرت جوڳي اڏاوتي رٿا ” دي لائن “ جي ڊيزائن جاري ڪري ڇڏيا آهن ، جيڪو هڪ عمارت تي ٻڌل شهر هوندو.

هي شهر 106 ميل رقبي تي پکڙيل هوندو ۽ ان ۾ 90 لک ماڻهن کي رهڻ جو اختيار هوندو.

سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان شهر جي ڊيزائن متعارف ڪرائي آهي.

 

هن ٻڌايو ته هي شهر سعودي عرب جي اربين ڊالرز جي رٿا نيوم جو حصو آهي جيڪو احمر سمنڊ ويجهو اتر اولهه واري حصي ۾ اڏيو ويندو .

دي لائن ۾ ٻه سئو ميٽر ويڪري عمارت هڪ ورٽيڪل سٽي طور اڏي ويندي.

 

ان ڏس ۾ وڌيڪ تفصيل باظابطا طور ته جاري ناهن ڪيا ويا پر ذريعن جو چوڻ آهي ته هي سمورو شهر ماحول دوست توانائي تي هلايو ويندو.

هتي ڪو به روڊ، گاڏي يا دونهين جو خارج نه هوندو، جڏهن ته تيز رفتار ٽرين ذريعي ماڻهو هڪ کان ٻئي هنڌ سفر ڪري سگهندا.

 

سعودي حڪومت کي اميد آهي ته نيوم رٿا جي تعمير کانپوءِ هر سال 10 ڪروڙ سياح هن مختلف حصن کي ڏسڻ لاءِ ايندا جنهن سان اربين ڊالرز جي آمدني ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.