سپريم ڪورٽ جو فيصلو، پي ڊي ايم عوامي رابطا مهم هلائيندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، آفتاب شيرپائو، پروفيسر ساجد مير، شاهه اويس نوراني به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ محمود خان اچڪزئي وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، جڏهن ته ن ليگ قائد نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب پي ڊي ايم ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو، پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن کان پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به جلد ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو.

اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان عدليا جي فيصلي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي تجويز به ڏني، هن چيو ته هاڻ اسان کي واضح رستي تي هلڻو آهي، راند جي سڀني ڪردارن بابت به ڄاڻڻو پوندو.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پ پ ۽ اي اين پي کي باقاعدي طور پي ڊي ايم ۾  واپسي جي دعوت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.