گرمين جي موڪلن ۾ واڌ ٿيندي يا نه؟ تعليم کاتي جو اهم اعلان

لاهور  (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي سڄي صوبي ۾ گرمين جي موڪلن ۾ واڌ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي.

اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران موڪلن ۾ وڌيڪ 2 هفتا واڌ جو فيصلو رد ڪندي ٻارن کي وڌيڪ موڪلون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي موجب پهرين آگسٽ کان ٻارن کي اسڪول موڪليو وڃي ته جيئن سندن نصاب وقت تي مڪمل ٿي سگهي، ايندڙ سال صوبي ۾ نئون تعليمي سيشن پهرين اپريل 2023ع کان شروع ٿيندو.

 ان کان اڳ پنجاب جي تعليم کاتي صوبي جي اسڪولن ۾ پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو.

گرمين جي موڪلن کانپوءِ پهرين آگسٽ کان اسڪول کلي ويندا ۽ نئون تعليمي سال به پهرين آگسٽ 2022ع کان شروع ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.