موبائيل فونز ۾ هاڻي 450 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏيڻ جي تياري

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) اڃا 200 ميگا پڪسل ڪيمرا سان ليس ڪا اسمارٽ فون متعارف ناهي ٿي پر 450 ميگا پڪسل ڪيمرا تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي.

سام سنگ طرفان هڪ ڪيمرا سينسر تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ رپورٽ موجب اهو 450 ميگا پڪسل ريزوليوشن سان ليس ڪيمرا ٿي سگهي ٿو.

ڪوريا ۾ ان لاءِ هيڪزا 2 پڪسل ٽريڊ مارڪ رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي.

سام موبائيل جي رپورٽ موجب ٽريڊ مارڪ ۾ 450 ميگاپڪسل ريزيوليشن سان ليس ڪيمرا سينسر جو ذڪر ناهي.

پر پوءِ به ماڻهن جو خيال آهي ته ان مان 450 ميگا پڪسل ڪيمرا جي تياري جو اشارو ملي ٿو.

هيڪزا پڪسل هڪ نئين ٽيڪنالاجي آهي جيڪا ٽيٽرا 2 پڪسل جيان ڪم ڪري ٿي جيڪا 6 زربيا 6 پڪلسز جي گروپ کي گڏ ڪري هڪ ڪري ڇڏي ٿي جنهن جو مطلب اهو آهي ته سينسر ريزوليوشن 450 ميگا پڪسل هونديي.

جيڪڏهن اها ٽيڪنالاجي حقيقي هجي تڏهن به ان کي جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان ناهي.

اها ٽيڪنالاجي هڪ کان ٻن سالن جي اندر متعارف ڪرائي سگهجي ٿي.

ڪجهه سال اڳ ليڪس ۾ ٻڌايو ويو هو ته اها ڪمپني 600 ميگا پڪسل ريزوليوشن واري ڪيمرا سينسر کي تيار ڪرڻ چاهي ٿي ته اهو هيڪزا پڪسل سينسر ان ئي هدف ڏانهن هڪ اڳڀرائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.