عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم وارو معاملو: سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اينڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ڄاڻايل درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جي دائري ۾ نٿي اچي، جوڊيشل مئجسٽريٽ جو فيصلو سيشن عدالت ۾ چيلينج ڪيو وڃي، 10 ڏينهن تائين پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ بابت اسٽي برقرار رهندو.

فيصلي موجب 10 ڏينهن کانپوءِ اسٽي ختم تصور ڪيو ويندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ عامر لياقت حسين جي ڌيءُ دعا عامر ۽ ٽئين زال دانيا شاهه جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.

ياد رهي ته عامر لياقت حسين جي ٻارن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.

ان کان اڳ ڊاڪٽر عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم جوڊيشل مئجسٽريٽ طرفان ڏنو ويو هو تنهن بعد ان درخواست ۾ ٽئين زال دانيا ملڪ ڌر بڻي هئي.

دانيا ملڪ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي حمايت ڪندي عدالت کي استدعا ڪئي هئي ته سندس مڙس عامر لياقت جي موت جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو وڃي.

ياد رهي ته عامر لياقت حسين هلندڙ سال 9 جون تي ڪراچي ۾ سندس گهر مان مئل حالت ۾ مليو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.