ٻهراڙين ۾ سولر پينلز جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ آف گرڊ سولر پينلز جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.

مائيڪرو انورٽر سيريز سان پاڪستان جي ڏورانهن علائقن کي به فائدو پهچندو.

ميڊيا رپورٽن موجب ننڍي سائيز وارا واٽر پمپ، واشنگ مشين ۽ ٻيون شيون مائيڪرو انورٽرز سان هلائي سگهجن ٿيون.

خاص طور تي پٺ تي پيل علائقا جيڪي توانائي جا روايتي ذريعا يا وڏي پئماني وارن منصوبن تي نٿا ڀاڙين اتي مائيڪرو انورٽر سيريز جو استعمال وڌي ويو آهي.

هي ماڻهو رڳو يا ٻه پينل خريد ڪن ٿا ۽ انهن کي ڇتن يا ٻاهر رکي ڇڏين ٿا جن تي سج جي روشني پوي ٿي ۽ انهن سان بجلي تي هلندڙ ننڍو سامان هلي سگهي ٿو.

هڪ چيني ڪمپني ان ڏس ۾ رهائشي نظام لاءِ مائيڪرو انورٽر سيريز متعارف ڪرائي آهي جنهن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.