سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس جي نامزد ڪيل 5 ججن جا نالا اڪثريتي راءِ سان رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ چيف جسٽس جي نامزد 5 ججن جا نالا اڪثريتي راءِ سان رد ڪيا ويا.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججن تي جڊيشل ڪميشن ميمبرن ۾ اختلاف سامهون آيو، جنهن کانپوءِ جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي نامزد ججن خلاف 5 ووٽ آيا، 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي اجلاس ڪجهه چوڻ بنا ختم ڪيو ويو.

ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود، اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزارت مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، سنڌ جي ٻن ججن بابت جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني به مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جسٽس اعجاز الاحسن به نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

ذريعن موجب جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال جثماني 2 نامزدگين جي مخالفت، 3 جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 جي ڀيٽ ۾ 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي اجلاس ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.