جلد توهان کي نوان چهرا نظر ايندا، سريلنڪا هٿان شڪست بابر اعظم جون اکيون کولي ڇڏيون

پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته هڪ ٻئي پٺيان وڪيٽون ڪرڻ سبب دٻاءُ ايندو آهي ۽ سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ به ائين ئي ٿيو.

گال ۾ ٻي ٽيسٽ ۾ سريلنڪا هٿان شڪست بعد پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم ميچ جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته اڄ صبح شروعات پچ مختلف نه هئي، هلڪي برسات پوڻ بعد وڪيٽ مان اسپنرن کي مدد ملڻ شروع ٿي، اسان جي ڀائيواري اهڙي نه لڳي جنهن جي گهرج هئي.

سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اسان کي صبر سان بيٽنگ ڪرڻ کپي، جيڪو اسان جي بيٽنگ ۾ نظر نه آيو، هڪ ٻئي پٺيان وڪيٽون ڪرڻ سبب مون تي دٻاءُ آيو پر جنهن نموني جي سوريا بالنگ ڪئي کيس ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي.

هن سريلنڪن بالرن کي ساراهيندي وڌيڪ چيو ته پرڀات جي سوريا وڏي صبر سان بالنگ ڪندو آهي ۽ ان جو کيس تجربو پڻ آهي، هو تسلسل سان هڪ لائين تي بالنگ ڪندو آهي جيڪا اهم شيءَ آهي.

پاڪستاني ڪپتان چيو ته

مختلف ڪنڊيشنز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏئي رهيا آهيون ۽ ان ۾ بهتري پڻ اچي رهي آهي، سريلنڪا ۾ ڪنڊيشنز آسان ناهي هوندي پر هتي اسان جي ٽيم سٺو به کيڏي ۽ خراب به.

بابر اعظم چيو ته نعمان علي تجربيڪار بالر آهي، تسلسل سان بالنگ ڪندو آهي ۽ ان سان گڏ ياسر شاهه جهڙو بالر به اسان وٽ آهي ۽ ٻيا نوجوان بالر پڻ اچي رهيا آهن، جلد توهان کي نوان چهرا ڏسڻ لاءِ ملندا.

بابر اعظم  مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڳالهائيندي چيو ته هاڻ اسان جو ڌيان نيدرلينڊ خلاف ون ڊي سيريز تي هوندو، هاڻ اسان وٽ سيريز جي تياري لاءِ گهٽ وقت بچو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته مختصر وقت ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي موجب پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.