راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف واپس نه ايندو، جڏهن ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ جي خود مختياري کي آئيني تحفظ حاصل آهي، ان جي اختيارن کي وڌائي سگهجي ٿو گهٽائي نٿو سگهجي.
پنجاب کا سیاسی کوڑا کرکٹ گٹر میں پھینکا جائے گا۔نیب کی من پسند ترمیم بھی ختم ہو گی،اوورسیز کو ووٹ کا حق بھی ملے گا۔ماڈل ٹاؤن کے شہیدوں کو انصاف ملے گا۔ملکی اثاثے بیچنے سے پہلے ہی انکا کھیل ختم ہو جائے گا۔نہ من پسند قانون سازی ہوگی،نہ نواز شریف آئے گا۔اکتوبر،نومبر میں الیکشن ہونگے
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) July 28, 2022
هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي قاتل عدليا چيو ويو، سپريم ڪورٽ کي کيسي جي گهڙي، هٿ جي ڇَڙي نٿو بڻائي سگهجي ۽ نه ئي گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جو سياسي گند ڪچرو گٽر ۾ ڦٽو ڪيو ويندو، نيب جي من پسند ترميم به ختم ٿيندي، اوورسيز کي ووٽ جو حق ملندو ۽ ماڊل ٽائون جي شهيدن کي انصاف ملندو.
شيخ رشيد چيو ته ملڪي اثاثا کپائڻ کان اڳ ئي انهن جو کيل ختم ٿي ويندو، نه من پسند قانون سازي ٿيندي نه نواز شريف ايندو، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون.