آءِ ايم ايف کان قرضن بابت وڏي خبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا سمورا مطالبا پورا ڪيا ويا آهن، آءِ ايم ايف کان پئسا ملڻ کانپوءِ رپئي جي قدر ۾ بهتري اچي ويندي.

ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي عائشا غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف جا مطالبا پورا ڪيا ويا آهن، آءِ ايم ايف جا مطالبا نه مڃون ها ته معاهدو بحال نه ٿئي ها.

هن چيو ته آءِ ايم ايف کان پئسا ملڻ کانپوءِ رپئي جي قدر ۾ بهتري اچي ويندي، ڊسمبر کان هيل تائين رپئي جي قدر ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۾ مهانگائي جي شرح گذريل 28 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، رپئي جي قدر ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سبب ٿي، سياسي عدم استحڪام سبب به رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي، ڊيمانڊ، سپلاءِ ۾ فرق سان ڊالر جي قيمت ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

پيٽروليم ذخيرن جي حوالي سان مملڪتي وزير چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو ضرورت کان وڌيڪ ذخيرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.