جي سوريا آڏو ڪو به پاڪستاني بيٽر ٽڪي نه سگهيو، سريلنڪا جي ٻي ٽيسٽ ۾ سوڀ، سيريز برابر

گال ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي هارائي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي آهي.

سريلنڪا طرفان ڏنل 508 رنسن جي ٽارگيٽ جي پويان ڊوڙندي پاڪستاني بيٽنگ لائن بري طرح ناڪام ٿي وئي،  ۽ بابر اعظم کانسواءِ ڪو به بيٽر لنڪن بالرن جو ڄي مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ سڄي ٽيم 261 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

گال ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻي اڻپوري اننگز 89 رنز هڪ رانديگر آئوٽ تي ٻيهر شروع ڪئي ته امام الحق 46 ۽ بابر اعظم 26 رنسن سان ڪريز تي موجود ها پر 97 رنسن جي گڏيل اسڪور تي امام الحق 49 رنسن ٺاهي رميش مينڊس جوشڪار بڻيو.

ٻئي پاسي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم پنهنجو اسڪور اڳتي واڌئيندي ففٽي اسڪور ڪئي ۽ هو 81 ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته محمد رضوان 37 رنسون اسڪور ڪيون.

فواد عالم هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ آغا سلمان وڪيٽ تي چئن رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، ياسر شاهه 27 رنسون ٺاهي جي سوريا جو شڪار بڻيو، پاڪستان جي آخري وڪيٽ نسيم شاهه جي صورت ۾ ڪري جيڪو 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

سريلنڪا سرفان پرڀات جي سوريا پنج جڏهن ته رميش مينڊس چئن رانديگرين کي پويلين ڀيڙو ڪيو.

واضح رهي ته سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 378 رنسون اسڪور ڪيو هيون جنهن جواب ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 231 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته سريلنڪا پنهنجي ٻي اننگز 360 رنز 8 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪندي پاڪستان کي 508 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.