ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به آمريڪي ڊالر 3 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 239 رپيا 94 پئسا ٿي ويو، اڄ اٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 3 رپيا 92 پئسا واڌ ٿي.
Interbank closing #ExchangeRate for todayhttps://t.co/3HKHwEmKLf pic.twitter.com/OZl2VqDeLR
— SBP (@StateBank_Pak) July 28, 2022
رڳو جولاءِ مهيني ۾ ڊالر جو قدر انٽر بئنڪ ۾ 35 رپيا 9 پئسا وڌي چڪو آهي.
ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر 3 رپيا واڌ سان 244 رپين جو ٿي ويو آهي.