صحت: فضائي گدلاڻ سبب لکين انسانن مٿان موت جي تلوار ٽنگيل

فضائي گدلاڻ جي نتيجي ۾ دماغي تنزلي جو سبب بڻجندڙ بيماري ڊيمينشيا جو خطرو وڌي سگهي ٿو.

برطانيا جي سرڪاري تحقيقي اداري طرفان نئين تحقيق جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فضائي گدلاڻ  ۾ وقت گذارڻ سان دماغ تي ڪهڙا اثر پوندا آهن.

هن تحقيق لاءِ 70 تحقيقي رپورٽن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو اهو دريافت ڪيو ويو ته فضائي گدلاڻ  سان دماغي تنزلي جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي ۽ وڏي عمر وارا ماڻهو ڊيمينشيا جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

محققن جو خيال آهي ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته فضائي گدلاڻ  جا زرڙا رت جي گردشي نظام ۾ داخل ٿي ويندا آهن جنهن سان دماغ کي رت پهچائڻ وارو سسٽم متاثر ٿيندو آهي.

طبي ماهرن ٻڌايو ته ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ سان واضح ٿئي ٿو ته فضائي گدلاڻ  ۽ دماغ جي پٺتي پوڻ وچ ۾ تعلق موجود آهي جنهن ذريعي ڊيمينشيا جو خطرو وڌندو آهي.

سندن چوڻ هو ته ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ ثبوت گڏ ڪري سگهجن .

ان کان پهرين تحقيقي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته فضائي گدلاڻ  جي نتيجي ۾ دل جي بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي.

فضائي گدلاڻ  ۾ ساهه کڻڻ رت جي شريانيون تنگ ۽ سخت ٿي وينديون آهن جنهن سان بلڊ ڪلاٽس، دل جي ڌڙڪن ۾ بي ترتيبي ۽ دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

سپٽمبر 2021ع ۾ صحت جي عالمي اداري هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته فضائي گدلاڻ  سبب سالياني 70 لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجندا آهن.

رپورٽ ۾ موجب فضائي گدلاڻ هاڻ انساني صحت لاءِ سڀ کان وڏو ماحولياتي خطرو آهي، جنهن سبب 70 لک ماڻهو وقت کان اڳ موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.

صحت جي عالمي اداري چيو ته فضائي گدلاڻ جو خطرو گهٽائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن 70 لک ماڻهن جي حياتي بچائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.