عمران خان کي ڌمڪي ڏيڻ وارو مامرو، پي ٽي آءِ ايمل ولي خان خلاف وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان کي موتمار ڌمڪي ڏيڻ واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب ايمل ولي خان خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته اي اين پي سربراهه ايمل ولي خان عمران خان کي مارڻ جي ڳالهه ڪئي، پي ڊي ايم غيرجهموري عمل ڏانهن وڌڻ شروع ڪري چڪي آهي ۽ ماڻهن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي سازش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ گهرو وزارت ۾ درخواستون ڏنيون آهن، عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، تنهنڪري سيڪيورٽي ڏني وڃي.

عمر ايوب وڌيڪ چيو ته پي ايم هائوس ۾ ويهي ڪري ماڻهو عمران خان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر اسان عمران خان جي بچاءُ لاءِ مخالفن آڏو رڪ جي ديوار بڻيل آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.