عمران خان لاهور جو دورو ملتوي ڇو ڪيو؟ وڏو ڪارڻ سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) موسم جي خرابي سبب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو لاهور وارو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته عمران خان اڄ لاهور جو دورو ڪندو.

پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي عمران خان جو دورو ملتوي ٿين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عمران خان لاهور جي دوري لاءِ هوائي اڏي تي پهچي چڪو هو پر موسم خراب هئڻ سبب کيس واپس موٽڻو پيو.

ذريعن موجب عمران خان اڄ رٿيل اهم گڏجاڻين ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندو.

ياد رهي ته عمران خان کي اڄ پنهنجي لاهور جي دوري دوران وڏي وزير پرويز الاهي سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون ۽ کيس پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي بابت روڊ ميپ ڏيڻو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.