ڪراچي واسين کي جهٽڪو، بجلي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  نيپرا ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي 11 رُپيا 37 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

 نيپرا ڪي اليڪٽرڪ  طرفان في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي چيئرمين نيپرا جي صدارت هيٺ ٻڌڻي ٿي.

ڪي اليڪٽرڪ عملدارن موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ جون جي مھيني فيول ايڊجسمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آھي، گذريل مھيني فرنس آئل مان بجلي جي پيداوار وڌائي وئي آھي، فرنس آئل ۽ آر ايل اين جي مان پيداوار وڌائڻ جي ڪري قيمتن ۾ واڌ ٿي آھي.

ڪي اليڪٽرڪ اختيارين ٻڌايو ته گئس جو فلو دستياب ناهي، سوئي سدرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

چيئرمين نيپرا چيو ته اسان جي ٽيم ڪراچي وڃي ٿي ته توهان جا سمورا پلانٽس هلڻ شروع ٿي ويندا آهن، بن قاسم پاور پلانٽ کي اصولي طور تي 2019ع ۾ بند ٿيڻ کپي ها.

نيپرا اختيارين چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي في يونٽ ۾ 11 رُپيا 39 پئسا واڌ جي درخواست ڏني وئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ جي انگن اکرن جي ڇنڊڇاڻ تي في يونٽ بجلي  11 رُپيا 37 پئسا ٿئي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.