برسات کانپوءِ متاثرن جي سارسنڀال لهڻ جو سوال

 

سنڌ م برساتن جو لاڳيتو پوڻ ڪري ڳوٺن شھرن  م پاڻي بيھي رھيو آھي ۔ ھڪ برسات جو پاڻي ۽ ٻيو نالين جو گندو خراب پاڻيءَ جي بيھڻ سان نالا ۽ کوٻا ۽ کڏا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آھن ۽ اھو خراب پاڻي گھرن ۾ ڪاھي اچي پيو آھي ۔ خراب پاڻي جي ڪري مڇر ٿيا آھن ننڍڙن ٻارن ۾ بخار ڊائريا  الٽون مليريا جھڙين خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو آھي ۔

کجين جو فصل : کجين جي فصل کي برسات جي ڪري وڏو نقصان رسيو آھي باغائي پريشان آھن ڪروڙين روپين جو نقصان ڪري ڪئين باغائي ذھني بيمارين م وٺجي ويا آھن ۔ سنڌ سرڪار کجين جي فصل جي سروي ڪرائي باغائين جي سائتا ڪري ته جئين اھي پنھنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگھن ۔ کجي ھڪ بھترين فروٽ آھي جنھنجو واپار وڏي پيماني تي ٿئي ٿو ۔ پر ھنن بارشن باغائين جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي ۔

زراعت : زراعت تي ماڻھن جو گذر سفر آھي ۽ زراعت سان لاڳاپيل آمدني جو  ذريعو مال مويشي آھي ۔ زراعت م ڀاڄيون ۽ ڪافي نازڪ فصل برسات جي ڪري متاثر تباھ ٿي ويا آھن ۽ آبادگار جي آمدني جو ذريعو به صرف زراعت ئي آھي ۔ مھانگائي عروج تي آھي جيڪڏھن زراعت به تباھ پوءِ آبادگار آخر وڃي ته ڪيڏانھن وڃي ۔ ھن وقت ڪپھه جو فصل به تباھ ٿي چڪو آھي جيڪو زراعت م اھم فصل سمجھيو ويندو آھي  برساتن جي ڪري پيداوار تمام گھٽ لھندي پر جيڪڏھن برساتن ۾ بچيو ته ۔ زمينن ۾ ڪپهھ وونڻن جي فصل م پاڻي بيٺو آھي ۽ اھو پاڻي ڪپھه جي فصل کي تباھ ڪري ڇڏيندو ۔ آبادگارن ھارين جا خرچ به سندن ڳچيءَ ۾ آھن زرعي قرض به سرڪار آبادگارن جا معاف نه ڪري آبادگارن ڪا به ٻج ڀاڻ ۾ رعايت سسبڊي نه  آھي في ايڪڙ کي آبادگار کي پوکائي ڪرڻ  ۾ گھٽ ۾ گھٽ خرچ به 50 ھزار کان 60  ھزار لڳي وڃي ٿو ۔ ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري 11 ھزار م آبادگار کي ملي ٿي ان کانسواءِ اڇو ڀاڻ في ٻوري 5 ھزار تائين ملي ٿي ۔ ھر ۽ ٻج مزدوري ٻڌ ته آبادگارن کي ڪلھي تي بوڇڻ ئي سالن جي ڦاٽل قميص بچي ٿي ۔ پر ھن سال جھڙي مھانگائي ۽ بارش آھي ته پوءِ آبادگار ذھني مريض ۽ خودڪشيون ئي ڪندا ۔ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ آھي بارش جو سلسلو رڪجي نه ٿو نه وري سرڪار جاڳي ٿي ۔ سنڌ  جي زراعت به تباھ آھي ته غريبن جا ڪکاوان ۽ پڪا گھر به ڪري پيا آھن ۔ سنڌ سرڪار کي کجين ۽ زرعي نقصان لاءِ جلد کان جلد سروي ڪرائي سنڌ ۾ مسڪين غريبن پورھيتن ۽ آبادگارن جي سائتا ڪئي وڃي ۔ ھن وقت آبادگار طبقو سخت پريشان حال آھي جنھنجو ڪروڙين روپيا نقصان ٿيو آھي ۔ سرڪار کي گھرجي ته ڳوٺن ۽ شھرن مان جلد خراب پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ مڇرن کان بچاءَ جا اسپري ڪرائي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳرائي ته جيئن غريب ماڻھن کي ڪا ٺڪي پڪي ملي دوا درمل علاج ٿئي  مڇر داڻيون ڳوٺن ۾ ورھايون وڃن ۔ آبادگارن کي فري وياج قرضا ڏنا وڃن  ۽ زرعي قرضا معاف ڪيا وڃن زرعي بئنڪن مان آبادگارن جا ورتل قرضا فوري طور معاف ڪيا وڃن ۔ باغائين جي سائتا ڪئي وڃي ۔ سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ايمرجنسي جي بنياد تي تحرڪ ۾ اچي بجيٽ کي عوام تي خرچ ڪري ۽ اھا بجيٽ عوام جي ئي آھي ۽ عوام تي ئي خرچ ڪئي وڃي برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي جنھنجو تباھي جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھجي سنڌ کي عوام جي سار لھي ۽ مدد ڪري ۔

 شفيق وساڻ

منهنجي شهر ۾ برساتي ٻوڏ جو منظر 

ترقي آفته ملڪن ۾ جڏهن برساتون اينديون آهن اهي هن مان لطف اندوز ٿيندا آهن ۽ سير تفريح ڪندا آهن ڇو جو انهن جو نڪاسي سسٽم جديد ترين نموني جو ٺهيل هوندو آهي جتي بارش جي پاڻي جو ڦڙو نه ٿو بيهي اتي سڄي سنڌ ۾ نڪاسي سسٽم ناڪارا آهي اتي آءٌ  صرف  ميرپور ماٿيلو جي ڳالھه ڪندس جتي هر طرف بدبوءِ آهي گپ سان شهر جون بازارون ۽ گهٽيون ڀريل آهن. شهر ٻوڏ جومنظر ٿو لڳي ڪٿي به ڪو اهڙو سسٽم ناهي جنهن جي ڪري پاڻي ڪنهن نالي ۾ وڃي پئي. مين بازار ۽ مين روڊ تي تالاب ڀريل هوندا آهن، هن پاڻي کي ڪوبه نيڪال ناهي. اهو پاڻي جرنيٽر جي مدد سان ڪڍيو ويندو آهن ان کان علاوه شهر کان نثار پمپ تائين هٿرادو بريڪر جتان وک وک تي روڊ جي مٿان نيڪال جي پاڻي جا پائپ پوريا  ويا آهن مونکي تعجب اهو آهي روڊ کاتو ڪٿي آهي جنهن جي پرمٽ بنا هر ڪو پنهنجي مرضي تي روڊ کي ڪٽ ڏيڻ کان علاوه مٿان پائپ وجهن ٿا جنهن جي ڪري رستو ناڪاره ٿي ويو آهي ۽ جنهن جي ڪري پاڻي روڊن تي بيهجي ويو آهي ۽ هي رستو اچڻ وڃڻ جوڳو ناهي رهيو آهي ميونسپل جي ماهوار ڪروڙين رپيا بجٽ الائي ڪاڏي وڃي ٿي جنهن جي ڪري هي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ شهر ۾ هر پاسي گندگي جي ڍيرن جي ڪري خطرناڪ بيمارين جي منهن ڪڍڻ جو خطرو آهي تنهن ڪري ضلعي انتظاميا کي هن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي علي حسن `احسن´ چڍڙ

 ڪجهھ وقت پھريان ھڪ دوست جي سئوٽ پسند جو رشتو نه ملڻ جي ڪري ڪارو پٿر پي پنھنجي زندگي ختم ڪري ھاڻ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻار به ڊپريشن جھڙي مرض ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن، اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ٻارن جا نمبر گھٽ اچڻ جي ڪري شاگرد اسٽريس ۾ اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪندا آھن،

گذريل ھفتي اسان جي پاڙي ۾ ستن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ زھر واپرائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان نوجوان جي والده مونکي چيو  اسان سان ڪو به گڏ نه آھي توھان اسان سان گڏ ھلو، مان اُن امڙ جي اکين ۾ ڳوڙھا ڏسي ان سان گڏ ھليو ويس ايمبولنس ۾ ڊاڪٽر جي ايڊوائز سان ضرورت مطابق فرسڊ اِيڊ ڏيندو ويس، ميرپور ماٿيلو کان رحيم يار تائين ان جي جيجل ۽ ان جي ڀينرن جا ڳوڙھا وهي رھيا مون محسوس ڪيو اھڙا نوجوان ڪيترا  خودغرض آھن جيڪي پنھنجي والدين جي دردن کي محسوس ڪرڻ بنا اھڙو قدم کڻندا آھن.

 جڏھن مان ان نوجوان جي خودڪشي ڪرڻ جو جواز ان جي والده کان پڇيو ته  انھي ٻڌايو ھن پيَُ کان پيسا گھريا اُن وٽ پيسا نه ھئا جنھن جي ڪري ان اھو قدم کنيو آھي، معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ان نوجوان جو  رٽائر پيرسن والد انھي جون سڀ فرمائشون پوريون ڪيون، نوجوان جي ضد مطابق ان کي ڏيڍ لک جي آءِ فون، ٽن لکن جي موٽر بائيڪ پنج لکن جو دڪان کولي ڏنو آھي پر ان جي باوجود هو پنھنجي پيرسن والدين کي پريشان ڪندو رھيو، رحيم يار خان ۾ وقت سر بھتر علاج ٿيڻ جي ڪري سندس جي زندگي ته بچي وئي، والدين جو اڪيلو سھارو انھن جي دعائن سبب موٽي آيو، هن جھڙا نوجوان گھر ۾ سڀ آسائشون ھئڻ باوجود ڊپريشن ۾ اچي زندگي جو ڏکيو فيصلو ڪري ڇڏيندا آھن، ڊپريشن موروثي بيماري آھي ڊپريشن جو علاج موجود آھي علاج مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ڳالھه خودڪشي تائين پھچي ويندي آھي.

احمد پتافي

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.